Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
Don’t be the key to evil be a lock
بُرائي جي چاٻي نه بلڪه تالو بڻجو!
ہو اخلاق اچھا، ہو کردار ستھرا مجھے متقی تو بنا یااِلٰہی!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
يومُ الاَرض (يعني Earth Day)
پيارا اسلامي ڀائرو! 14 اپريل تي عالمي سطح تي يومُ الاَرض Earth Day (يعني زمين جي متعلق ڏينهن) ملهايو ويندو آهي. هونئن ته هي ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد ته زمين جي قدر ڪرڻ، هتان جي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ ۽ ماڻهن کي ان جي متعلق معلومات فراهم ڪرڻ آهي. البته! اسان ان ڏينهن جي متعلق اسلامي نقطهءِ نظر سان توجھ ڪيون، يقيناً پنهنجي ذات، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي چؤطرف ماحول کي ظاهري گندگي کان پاڪ صاف رکڻ به نهايت ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهر، پاڙي، شهر ۽ جيستائين اسان جي پهچ آهي، ان پوري ماحول کي پُراَمن رکڻ، گناھن ۽ بُرائين کان پاڪ صاف رکڻ به اسان جي بنيادي ذميدارين ۾ شامل آهي.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَۃً ؕ
(پارہ:1، سورۀ بقرۃ:30)
ترجموڪنزُالعرفان: مان زمين ۾ پنهنجو نائب بڻائڻ وارو آهيان.
هي انسان جو سڀ کان پهريون ۽ بنيادي تعارف آهي، اهو وقت جڏهن ته اڃان انسان کي بڻايو ئي نه ويو هو، ان کان پهريان الله پاڪ ملائڪن جي سامهون انسان جو ذڪر ڪيو ته فرمايو: مان زمين ۾ خليفو بڻائڻ وارو آهيان.
هن جڳھ تي خليفي جو مطلب ڇا آهي؟ تفسير بغوي ۾ آهي: اِقَامَۃُ اَحْکَامِ اللہِ وَ تَنْفِیْذُقَضَایَاہٗ يعني (زمين تي) الله پاڪ جا احڪام ۽ ان جي فيصلن کي نافذ