Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

فيشن پرست جي زندگي ۾  بهار اچي وئي

آفندي ٽائون (حيدرآباد، اندروني سنڌ، پاڪستان)  جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: آئون هڪ فيشن پرست (Fashionable) نوجوان هيس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هيس منهنجي گناھن ڀري زندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مَدرَسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، بَس منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداھ کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چراغ سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي. اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي وئي

ترا شکر مولیٰ دیا مدنی ماحول     نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے  نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مَدنی ماحول ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!         صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپليڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الگ، الگ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن             * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ: 647-648۔