Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

جانور    لعنت موڪليندا   آهن...!

حضرت مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن سخط ڏڪار پوندو آهي، مينهن وسڻ بند ٿي ويندا آهن ته جانور نافرمان ماڻهن تي لعنت موڪليندا آهن ۽ چوندا آهن: هي ڏڪار انسان جي گناھن سبب آهي.[1]

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هن کان وڌيڪ ڪهڙي ذلت هوندي جو انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گناھ ڪندو آهي، ان جون نافرمانيون حد کان وڌي وينديون آهن ته جانور جيڪي اسان کان ڪيئي ڀيرا گهٽ آهن، اهي به انسان کي بُرو ڀلو چوندا آهن. معلوم ٿيو: جيڪو نافرمان آهي، اهو پنهنجي فضيلت پاڻ وڃائي ويهندو آهي ۽ انساني درجي مان ڪِري ڪَري ذلت جي کَڏي ۾ وڃي پوندو آهي.

گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دَم بدَم مولا   میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولا

کمر توڑی ہے عصیاں نے، دبایا نفس و شیطاں نے    نہ کرنا حشر میں رُسوا، مرا رکھنا بھرم مولا

گناہوں نے مجھے ہائے کہیں کا بھی نہیں چھوڑا       کرم   ہو   از   طفیلِ   سیدِ   عرب   و   عجم   مولا  ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!       صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2):  بُرائي کان نفرت ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! زمين کي امن جو گهوارو بنائڻ جي لاءِ ٻيو ڪم جيڪو اسان کي ڪرڻو آهي، اهو هي آهي ته بُرائي کي هميشه بُرائي ئي سمجهدا  ڪيو! مثلاً * نماز نه پڙهڻ بُرائي آهي * بي پردگي بُرائي آهي * بي حيائي بُرائي آهي * فحاشي برائي آهي * گانا باجا غير مسلمن جي نقل، انهن جي مشابهت * ڪوڙ * وياج وغيره وغيره کوڙ ساريون شيون بُرائي آهن، ائين ئي هر اها ڳالھ جيڪا بري آهي، ان کي برو ئي سمجهيو وڃي. اسان وٽ مسئلو هي آهي ته ماڻهو برائي کي چڱائي جو روپ ڏئي ڇڏيندا آهن، ايئن اها برائي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي معاشري ۾ رائج ٿيڻ لڳي ويندي آهي. پوءِ اها ئي شيءِ زمين ۾ فساد جو سبب بڻجي ويندي آهي.


 

 



[1]...تفسیرِ بغوی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:159، جلد:1، صفحہ:130۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:97۔