Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
قومِ ثمود ڇو هلاڪ ٿي...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! قومِ ثمود عرب جي هڪ قديم تَرين (يعني تمام پُراڻي زماني جي) قوم هئي. ڪجھ قولَن جي مطابق انهن جو زمانو حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام کان به پهريان جو آهي. الله پاڪ ان قوم کي ڪيئي نعمتن سان نوازيو هو، انهن جون عمريون تمام ڊگهيون هونديون هيون، اهي ماڻهو طاقتور به تمام گهڻو هئا، تعمير جي فن ۾ تمام گهڻي مهارت رکندا هئا، جبلن کي تراشي (گَهڙي) ڪري بنگلا ٺاهيندا هئا، انهن جا بڻايل بنگلا اڄ به عبرت جو نشان بڻيل آهن.
ان قوم جي هدايت جي لاءِ الله پاڪ حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام کي نبي بڻائي ڪري موڪليو. حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام انهن کي هڪ الله وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک تي ايمان آڻڻ، صرف ۽ صرف انهيءَ ربَّ واحد، قَهار جي عبادت ڪرڻ ۽ ان جي فرمانبرداري اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڻ عَلَیْہِ السَّلَام جي دعوت تي قوم ٻن جماعتن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جماعت ته ڪلمو پڙهيو ۽ پاڻ عَلَیْہِ السَّلَام تي ايمان آندو، ٻي جماعت ڪفر ۽ شرڪ تي ڄميل رهي. ان قوم حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام کان معجزو طلب ڪيو ته اسان کي جبل جي اندران حامله ڏاچي ڪڍي ڏيکاريو! حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام پٿر ڏانهن اشارو فرمايو ته اهو فوراً ڦاٽي پيو ۽ ان مان هڪ نهايت خوبصورت، تندرست ۽ طاقتور ڏاچي نڪري آئي، جيڪا حامله به هئي، پٿر مان نڪرندي ئي ان هڪ ٻچو به ڄڻيو. اها ڏاچي پنهنجي ٻچي سان چرندي ڦرندي هئي. ان قوم جو هڪ ئي حوضُ هو، حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام حڪم ڏنو ته هڪ ڏينهن حوضَ مان ڏاچي پاڻي پيئندي. هڪ ڏينهن قوم پاڻي حاصل ڪندي. قوم اها ڳالھ مڃي ورتي.[1]