Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

ڪرڻ.[1] مثال طور * الله پاڪ نماز جو حڪم ڏنو، مان پاڻ به نمازي بڻجان، ٻين کي به نمازي بڻايان * الله پاڪ روزي رکڻ جو حڪم ڏنو، مان پاڻ به روزا رکان، ٻين کي به روزيدار بڻايان * الله پاڪ حج جو حڪم ڏنو، جيڪڏهن فرض ٿئي ٿو ته مان پاڻ به حج ڪيان ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيان * الله پاڪ وياج جي ڏيڻ وٺڻ کان منع فرمايو آهي، تنهنڪري مان پاڻ به ان آفت کان بچان ۽ ٻين کي به بچايان. ان جي لاءِ نيڪي جي دعوت ڏيان، مطلب ته جيترا منهنجا اختيارَ آهن، اوتري اختيارن ۾ الله پاڪ جي ٻڌايل طريقن جي مطابق حڪمتِ عملي سان پاڻ تي ۽ ٻين تي به الله پاڪ جا احڪام نافذ ڪرڻ جو منصب آهي، ان کي خلافت چوندا آهن. سادن لفظن ۾ چوان ته ان جو مطلب آهي: مونکي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

  هي اسان جو سڀ کان بنيادي منصب ۽ سڀ کان اهم ترين ذميداري آهي، اسان ڊاڪٽر ٿيون يا نه ٿيون، مالدار ٿيون يا نه ٿيون، سيٺ ٿيون يا نه ٿيون، مطلب ته: اسان ڪجھ به هجون،  پنهنجي ان اصل ۽ بنيادي منصب کي نڀائڻ، ان ذميداري کي پورو ڪرڻ اسان سڀني تي لازم ۽ ضروري آهي. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي لازم آهي ته اسان پنهنجي ذات تي، پنهنجي گهروارن تي، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي دوستن ۾ دينِ اسلام جي تعليم کي نافذ ڪيون، پيار ۽ محبت سان نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري، پنهنجي عمل جي ذريعي جيتري اسان جي پهچ آهي، ايستائين زمين تي امن ۽ سڪون، اصلاح ۽ هدايت کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون.

زمين ۾ فساد نه پکيڙيون...!!

 الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

لَا تُفْسِدُوْا فِی الْاَرْضِ ۙ

(پارہ:1، سورۀ بقرہ:11)

ترجموڪنزُالعرفان: زمين ۾ فساد نه ڪيو.


 

 



[1]...تفسیر بغوی، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، زیر آیت:30، جلد:1، صفحہ:33۔