Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
هڪ ڏينهن اهو پنهنجي آقا جي گهرواري وٽ ويو ۽ چيائين: بيگم صاحبه! مونکي افسوس آهي ته اوهان جي مڙس کي اوهان سان ٿوري به محبت ناهي رهي، هاڻي هو ٻيءَ شاديءَ جي چڪر ۾ آهي پر اوهان پريشان نه ٿيو، مون وٽ ان جو حل به آهي. اوهان بس پنهنجي مڙس جي ڪنڌ جا وار ڪٽي ڪري مونکي ڏئي ڇڏيو! باقي سڀ مان سنڀالي وٺندُس.
ان بي وقوف چغلخور زال جا ڪنَ ايئن ڀريا، پوءِ پنهنجي آقا وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: مون اوهان جي گهرواريءَ کي غير مرد سان ڏٺو آهي، اهي ٻئي اوهان کي قتل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، چغلخور غلام جي ڳالھ ٻڌي ڪري آقا جي دل ۾ به شڪ پيدا ٿيو، رات ٿي، آقا پنهنجي گهر ويو، جڏهن سمهڻ جو وقت ٿيو ته ائين ئي ڪوڙ ۾ اکيون بند ڪري سمهي رهيو، عورت سمجهيو ته مڙس ننڊ ۾ آهي، جيئن ته اها اوزار کڻي ڪري اڳتي وڌي ته جيئن مڙس جي ڪنڌ جا ڪجھ وارَ ڪٽي، مڙس سمجهيو ته هيءَ مونکي قتل ڪرڻ واري آهي، جيئن ته ان انهيءَ اوزار سان زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن عورت جي رشتيدارن کي خبر پئي ته انهن مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ ان مڙس جي رشتيدارن کي خبر پئي ته اهي به جهيڙي جي لاءِ اچي پهتا، ايئن هڪ چغلخور جي چغلي جي ڪري تقريباً سئو ماڻهو ماريا ويا.[1]
هي آهي چغلي جو وبال...!! چغلخوري جي سبب زمين ۾ فساد پکڙجندو آهي، ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته چغلخوري کان ۽ چغلخورن کان هميشه بچي ڪري رهون.
رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: غيبت ڪرڻ، طعنا ڏيڻ، چغلي هڻڻ ۽ ماڻهن جا عيب ڳولڻ وارن کي الله پاڪ (قيامت جي ڏينهن) ڪُتن جي شڪل ۾ اٿاريندو.[2] هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: خبردار! ڪوڙ چهري کي ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ چغلخوري عذابِ قبر (جو سبب) آهي.[3] هڪ