Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
روايت ۾ آهي: غيبت ۽ چغلي ايمان کي اهڙيءَ طرح ڪٽي ڇڏيندي آهي، جهڙيءَ طرح ڌنار وڻ کي ڪٽيندو آهي.[1]
امراض گُنَاہوں کے مرے سارے مٹادے یارَبِّ مُحَمَّد مجھے تُو نیک بنا دے
میں غیبت و چغلی سے رہوں دُور ہمیشہ ہرخصلتِ بد سے مرا پیچھا تو چھڑا دے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو!زمين کي فساد کان بچائڻ جو چوٿون نسخو آهي ته اسان تعلقات جوڙڻ وارا بڻجي وڃون. اڄڪلھ ماڻهو ٿوري ٿوري ڳالھ تي تعلقات ٽوڙي ڇڏيندا آهن، فلاڻي پٽ جي شادي ۾ نه گهرايو، تنهنڪري ان سان مرڻ جيئڻ ختم... فلاڻي گهر گهرائي ڪري خاص عزت نه ڏني، تنهنڪري اڄ کان ان سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، فلاڻي رشتيدار منهنجي دڪان جي بدران ٻئي دڪان تان سامان خريد ڪيو، تنهنڪري ان سان ڳالهائڻ ختم، تمام ننڍي ننڍي ڳالهين تي مرڻ جيئڻ ختم ڪيو ڪيو ويندو آهي حالانڪه جن رشتيدارن سان صلهءِ رحمي جو حڪم آهي يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم آهي، انهن سان رشتو ٽوڙي ڇڏڻ، سخت گناھ جو ڪم آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو رشتا ٽوڙيندو آهي، الله پاڪ ان کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي.[2]
حضرت يحييٰ بن سُليم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص جيڪو خُراسان (هي هاڻوڪي ايران جو صوبو آهي) جو رهاڪو هو، اُن مڪي شريف ۾ رهائش اختيار ڪري رکي هئي، ماڻهو اُن وٽ پنهنجون امانتون رکندا هئا، هڪ شخص ان وٽ 10 هزار اشرفيون امانت رکرائي ڪري پنهنجي ڪنهن ضرورت سان سفر تي هليو ويو، جڏهن اهو واپس آيو ته اهو خراساني فوت ٿي چڪو هو، ان جي خاندان وارن کان پنهنجي امانت جو حال پڇيو: انهن لاعلمي ظاهر ڪئي، امانت رکڻ واري علماءِ ڪرام کان پڇيو ته مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انهن