Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

       قومِ ثمود ۾ 9 فسادي ماڻهو هئا. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ کَانَ فِی الْمَدِیْنَۃِ  تِسْعَۃُ  رَھْطٍ یُّفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِ وَ لَا یُصْلِحُوْنَ (۴۸)

 (پارہ:19، سورۀ نمل:48)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ شهر ۾ نَو (9) شخص هئا، جيڪي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ اصلاح  نه ڪندا هئا.

اهي 9 ماڻهو جيڪي فسادي هئا، انهن جي ڪري قومِ ثمود تي عذاب نازل ٿيو ۽ اها پوري قوم تباھ ۽ برباد ٿي وئي.

 انهن فسادين هي فساد مچايو ته * پهريان ته ان معجزي واري ڏاچيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيائون * پوءِ پاڻ ۾ ملي ڪري هي پروگرام ٺاهيائون ته اسان رات جي وقت ملي ڪري حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام  تي حملو ڪنداسين ۽ انهن کي به شهيد ڪري ڇڏينداسين. حضرت عبدُ الله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنه  فرمائن ٿا: ان رات (جڏهن انهن بدبختن حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام تي حملو ڪرڻو هو) الله پاڪ انهن جي گهر مبارڪ تي ملائڪن جو پهرو لڳائي ڇڏيو. جڏهن اهي 9 فسادي شخص هٿيار کڻي ڪري، مياڻ مان تلوارون ڪڍي ڪري حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام جي گهر مبارڪ وٽ پهتا ته ملائڪن انهن کي پٿر هنيا، انهن کي پٿر ته لڳندا هئا پر هڻڻ وارا نظر نه ايندا هئا، اهڙيءَ طرح هي 9 فسادي شخص هلاڪ ٿي ويا.([1])

ان کان پوءِ باقي جيڪا غير مسلم قوم هئي، انهن تي خوفناڪ رڙ آواز جو عذاب آيو، اوچتو خوفناڪ آواز پکڙيو جنهن جي سبب اها سموري قوم تباھ ۽ برباد ٿي وئي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَکَرُوْا مَکْرًا وَّ  مَکَرْنَا مَکْرًا  وَّ ھُمْ لَا  یَشْعُرُوْنَ (۵۰)

(پارہ:19، سورۀ نمل:50)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ هنن سازش ڪئي ۽ اسان پنهنجي ڳُجهي تدبير فرمائي ۽ اُهي غافل رهيا.

يعني انهن ماڻهن حضرت صالح عَلَیْہِ السَّلَام ۽ سندن گهروارن تي رات جي وقت حملو ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي ۽ اسان انهن جي سازش جي سزا هيءَ ڏني جو انهن جي عذاب ۾ جلدي فرمائي ۽ اهي اسان جي خفيه تدبير کان غافل رهيا.([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!       صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1] صراط الجنان، پارہ:19، سورۂ نمل، زیرِ آیت:51، جلد:7، صفحہ:215۔

[2]...صراط الجنان، پارہ:19، سورۂ نمل، زیرِ آیت:50، جلد:7، صفحہ:214-215۔