Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
گھري نه سگھي، مان ان کي گھرڻ وارن کان وڌيڪ اَفْضَل عطا فرمايان ٿو۔
رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جهڙي طرح الله پاڪ پنهنجي تمام مخلوق کان اَفضَل آهي، ايئن ئي الله پاڪ جو ڪلام به باقي تمام ڪلامن کان اَفضَل ۽ اعليٰ آهي۔([1])
تِلاوتِ قرآن افضل ترين عبادت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! تِلاوتِ قرآن جون ڪيتريون ته فضيلتون آهن۔ ڪاش! اسان کي به قرآنِ پاڪ جي تلاوت جو شوق نصيب ٿي وڃي۔ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِيْ قِرَاءَۃُ الْقُرْآنِ قرآنِ ڪريم منهنجي اُمَّت جي اَفضَل ترين عبادت آهي۔([2])
دے شوقِ تلاوت، دے ذوقِ عبادت رہوں باوُضُو میں سدا یااِلٰہی!
حضرت عبد الله بن مسعود رَضِى اللهُ عَنْه صحابيء رسول آهن، پاڻ به عاشِقِ قرآن هئا، هڪ ڀيري سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: اوهان نفل روزا گھٽ رکو ٿا، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ فرمايائون: جڏهن مان روزو رکندو آهيان ته ڪمزوري اچي ويندي آهي ۽ مان قرآنِ پاڪ جي تلاوت ناهيان ڪري سگهندو جڏهن ته مون کي قرآنِ پاڪ جي تلاوت سان محبت آهي۔([3])
الله پاڪ جو قُرب ڏياريندڙ نيڪي
حضرت فَرۡوَه بِن نَوفَل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان حضرت خَبَّاب بِن اَرَتِّ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پاڙيسري هئس، هڪ ڏينهن مان ساڻس گڏجي مسجد جي طرف نڪتس، سندن منهنجو هٿ پڪڙي فرمايو: اي شخص! جيترو ٿي سگھي الله پاڪ جو قرب حاصِل ڪريو! پوءِ پاڻ ئي فرمايائون: الله پاڪ جو قُرْب حاصِل ڪرڻ جو