Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
سگھي ٿو ته استقامت نه مِلي سگھي، ممڪن آهي دل نه به لڳي، پر جيڪڏهن پاڻ تي قابو رکي، نفس کي مجبور ڪري تِلاوت ڪندا رهنداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! ڪجھ ئي ڏينهن ۾ عادَت بڻجي ويندي، قرآنِ مجيد جي محبّت دِل ۾ ويهڻ لڳندي، تِلاوت ۾ دِل به لڳڻ لڳندي، جيڪڏهن اسان تِلاوت جو معمول بڻائي وٺنداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! دِل جو زنگ لهڻ لڳندو، پوءِ تِلاوت سان گڏوگڏ قرآنِ مجيد کي سمجھڻ جو شوق به پاڻ مرادو وڌڻ لڳندو، جڏهن اسان قرآنِ مجيد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! هن تي عَمَل ڪرڻ جو به ذهن بڻجي ئي ويندو، بَس شرط هي آهي ته اسان باقاعده اهتمام سان، آدابِ تِلاوت جو لحاظ رکندي تِلاوت ڪريون۔
الله پاڪ اسان کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
میں ادب قرآن کا ہر حال میں کرتا رہوں ہر گھڑی اے میرے مولیٰ میں تجھ سے ڈرتا رہوں
پيارا اسلامي ڀائرو! الْحَمْدُ لِله! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ قرآن ۽ سُنّت جو پيغام عام ڪرڻ ۾ مَصْرُوفِ عَمَل آهي، نيڪ نمازي بڻجڻ، شوقِ تِلاوت ماڻڻ، قرآن سکڻ ۽ تِلاوت جو معمول بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! دِل روشن ٿيندي، قبر ۽ آخرت جي تياري جو ذِهن بڻجندو ۽ دين ۽ دُنيا جون کوڙ ڀلائيون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي۔
الحمدلله! مبلغينِ دعوتِ اسلامي مسجدن، مارڪيٽن، اسڪولن، ڪاليجن