Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

وغيره ۾ جڳھ ۽ وقت مقرر ڪري وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي درست تجويد ۽ قرات سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکارڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اوهان به ڪوشش ڪري مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪيو! هن جي برڪت سان بيشمار برڪرتون نصيب ٿينديون. اچو ترغِب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گھر ۾ مدني انقلاب

 دنياپور (ضلعو لوڌران، پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان منهنجي عملي حالت انتهائي افسوس ناڪ هئي، نماز روزي کان پري، فحاشي ۽ بدنگاهي جو شوقين ۽ ديني معلومات کان بلڪل خالي هئس۔ اسان جو پورو گھراڻو ئي فلمن، ڊرامن جو بيحد شوقين هو۔ منهنجي اونداھي زندگي ۾ نيڪين جو سج ان وقت اڀريو جو جڏهن اسان خانيوال شهر ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدرسةُ المدينه بالغان ۾ تجويد و قرات جي مطابق قراٰنِ پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، جيڪو جامع مسجد گلزارِ مدينه لوڪوشيڊ ۾ قائم هو۔ ان جي سمجھائڻ تي مون مدرسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا ورتي ۽ پابندي سان شرڪت ڪرڻ لڳس۔ ان جي برڪت سان نماز روزي، وضو ۽ غسل وغيره جا مسئلا سکيا ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان ويجھو ٿيندو ويس، انهيء دوران اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جا رسالا پڙهڻ سان فڪرِ آخرت جو ذهن مليو۔ جڏهن مان مڪمل طور تي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس ته گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش شروع ڪئي۔ الله پاڪ جي ڪرم ۽ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جي ڏنل گھر ۾ ديني ماحول بنائڻ وارن پندرهن مدني گلن تي عمل جي برڪت سان ان ۾ به انقلاب برپا ٿي ويو، گھر جا سمورا ڀاتي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويا۔ اَلْحَمْدُلِله فلمن ڊرامن جو سلسلو پڻ بند ٿي ويو۔ سڀئي اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتْهمُ الْعَالِيه جي ذريعي سلسلهء عاليه قادريه رضويه ۾ داخل ٿي عطاري بڻجي چڪا آهن۔