Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
هي صرف عوامي خيال آهي، نبوّت جو دروازو يقيناً بند ٿي چڪو، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام وَحي کڻي آيا، البت وَحي پهچائڻ کان عِلاوه ڪنهن ٻئي مقصد جي لاءِ اڃا به زمين تي تشريف آڻين ٿا۔ سيپاري: 30، سورت قَدر ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْۚ-مِنْ كُلِّ اَمْرٍۙۛ(۴) (پاره:30، سورۂ قدر، آيت:4)
ترجموڪنزُ العرفان: هن رات ۾ ملائڪ ۽ جبريل پنهنجي رب جي حڪم سان هر ڪم جي لاءِ لهندا آهن.
هن آيت مان صاف معلوم ٿيو ته شبِ قدر جيڪا هرسال ايندي آهي، ان رات جو حضرت جبريل عَلَيهِ السَّلَام زمين تي تشريف آڻيندا آهن۔ مرقاة المفاتيح ۾ آهي: اِنَّ جِبْرَائِيلَ يَحْضُرُ مَوْتَ كُلِّ مُؤْمِنٍ يَكُونُ عَلَى طَهَارَةٍ هر مؤمن جيڪو وُضو جي حالت ۾ مري، سڪرات جي وقت ان وٽ حضرت جبريلعَلَيهِ السَّلَام تشريف آڻيندا آهن ۔([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
شوقِ تِلاوت جو قابِلِ رشڪ انعام
حضرت ثابِت بُنَاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت نيڪ، پرهيز گار ٻانها هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات عبادت ڪندا هئا، حضرت ثابِت بُنَاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي تِلاوتِ قرآن جو گھڻو شوق هو، روزانو هڪ قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔([2]) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ خوبصُورت عادت اها به هئي ته جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون (تَحِيَّةُ المسجِد) ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ آھ و زاري ڪئي آهي۔([3])