Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
عطا ہو شوق مولیٰ مدرَسے میں آنے جانے کا خدایا ذوق دے قراٰن پڑھنے کاپڑھانے کا
یہی ہے آرزو تعلیمِ قراٰں عام ہوجائے ہر اِک پرچم سے اونچا پرچمِ اسلام ہو جائے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: 1 چڱن جي نالن تي نالا رکو۔([2]) 2 قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جي ۽ توهان جي پيئرن جي نالن سان پڪاريو ويندو لهٰذا پنهنجا چڱا نالا رکو۔([3])
اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٻار جو سٺو نالو رکيو وڃي، ڪيئي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي ڪجھ معنيٰ نه آهي يا انهن جي بُري معنيٰ آهي اهڙن نالن کان پرهيز ڪريو. * انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام ۽ صحابه ۽ تابعين رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيهِمْ جي نالن تي نالو رکڻ بهتر آهي، اُمّيد آهي ته ان جي برڪت ٻار ۾ شامل حال ٿي ويندي * ٻار زندھ پيدا ٿئي يا مُردھ ان جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي بهرحال ان جو نالو رکيو وڃي