Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
سڀ کان پسنديده طريقو ان جو ڪلام (يعني قرآنِ مجيد) آهي۔([1])
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل رجب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولیٰ
خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو ته........
حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو؛ (هن دُنيا ۾ الله پاڪ جو ديدار خواب ۾ ته ٿئي سگھي ٿو پر هن دُنيا ۾ بيداري جي عالم ۾ اکين سان الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصيت آهي، ها! آخرت ۾ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! هر جنّتي کي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيندو، خير! امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو، پاڻ فرمائن ٿا:) مون عرض ڪيو: اي رَبِّ ڪريم! تو وٽ ڪهڙو عَمَل اَفضَل آهي؟ جنهن جي ذريعي ماڻهو تنهنجو قُرْب حاصِل ڪن ٿا؟ الله پاڪ فرمايو: اي احمد! اهو منهنجو پاڪ ڪلام (قرآنِ مجيد) آهي، مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ! هن کي سمجھي پڙهي يا بغير سمجھي؟ فرمايو: سمجھي پڙهي يا بغير سمجھي (ٻنهي صورتن ۾ فضيلت آهي)۔ ([2])
اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته؛* تِلاوت اَفْضَل ترين نيڪي آهي * تِلاوت جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب نصيب ٿئي ٿو * تِلاوت ڪرڻ واري سان الله پاڪ راضي ٿئي ٿو * تِلاوت ڪرڻ وارو الله پاڪ وٽ وڏو مقام حاصِل ڪري وٺي ٿو۔ هي به خبر پئي ته قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ توڙي جو ضروري آهي ته ٻانهو جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي سمجھندو نه ته ان تي عَمَل ڪيئن ڪندو* البت جيڪڏهن ماڻهو بنا سمجھڻ جي به قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري، هي به وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي، هن سان پڻ دِل روشن ٿئي ٿي ۽ الله پاڪ جي محبت ملي ٿي۔