Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

* حديث پاڪ ۾ (آهي ته) ڪچّي ٻار جو نالو رکو ڇوته الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ترازو کي وزني ڪندو * جبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکو * فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ملائڪن جي نالن تي نالو نه رکو * يٰسين يا طٰهٰ نالو رکڻ منع آهي* محمد يٰسين نالو به نه رکو، ها چاهيو ته غُلام يٰسين ۽ غلام طٰهٰ رکو * جيڪي نالا بُرا هجن انهن کي بدلي سٺو نالو رکڻ گھرجي جو پنهنجي امت سان پيار ڪرڻ وارا پيارا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُرن نالن کي چڱن نالن سان بدلي ڇڏيندا هئا۔ هڪ خاتون جو نالو عاصِيه (يعني گنهگار) هو، رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو نالو بدلي جَمِيله رکيو * اهڙا نالا رکڻ جائز نه آهن، جيڪي غير مسلمن جي لاءِ مخصوص هجن * غُلام رسول، غُلام صديق، غُلام حُسين، غُلام غوث، غُلام رضا نالو رکڻ جائز آهي۔([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

                                                                                 رب کے در پر جھکیں التجائیں کریں                  بابِ رحمت کُھلیں قافلے میں چلو

عاشقانِ رسول ان سے رحمت کے پھول                               آؤ لینے چلیں قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي مدني قافلن ۾ سفر ڪري علمِ دين سکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:63-68ملتقطاً۔