Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
فقيه اَبُو اللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيڪو ٻانهو قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪري، ان تي عَمَل ڪري، قرآنِ مجيد ان کي جنّت ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم سان بي وفائي ڪري، ان جي تِلاوت نه ڪري، ان تي عَمَل نه ڪري ته قيامت جي ڏينهن ان کي جهنّم جي طرف موڪليو ويندو۔([1])
چار شيون اجنبي آهن
حضرت ابوهريره رَضِى اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دُنيا ۾ 4 شيون اجنبي آهن 1: ظالِم جي دِل ۾ قرآن اجنبي آهي 2: آبادي ۾ ويران مسجد جو ان ۾ نماز نه پڙهي وڃي. 3: اهو گھر جتي قرآنِ مجيد جي تِلاوت ناهي ڪئي ويندي، اتي قرآنِ مجيد اجنبي آهي۔ 4 بُري قوم ۾ نيڪ ٻانهو ([2])
الله! الله! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڇا اڄ اسان جي اڪثر گھرن جي اها ئي حالت نه آهي؟ اتي قرآنِ مجيد موجود آهي پر هن جي تِلاوت ناهي ڪئي ويندي، ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين ان کي ناهي کوليو ويندو، اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهڙو گھر جتي قرآنِ ڪريم موجود آهي پر ان جي تِلاوت ناهي ڪئي ويندي، ان گھر ۾ قرآن اجبني آهي۔ اندازو ڪيو! جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي گھرن ۾ قرآنِ مجيد کي اجنبي بڻائي رکنداسين ته سڀاڻي قبر ۾ قرآنِ مجيد سان اُنسيت ڪيئن حاصِل ڪري سگھنداسين؟ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اڄ اسان دُنيا ۾ قرآنِ مجيد کولڻ جي عادَت بڻايون، قرآنِ مجيد جي گهڻي مان گهڻي تِلاوت ڪريون، پنهنجو جدول بڻايون، روزانو جو هدف مقرر ڪريون ته مان روزانو ايتري تِلاوت ڪندس، پوءِ ان هدف تي استقامت سان عَمَل ڪيون، شروع شروع ۾ ٿي