Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
نصيحت ڪئي۔ منهنجي هن عرض تي الله پاڪ جي رحمت جوش ۾ آئي ۽ ارشاد ٿيو: اي ملائڪو! هن جي لاءِ آسمانن ۾ ڪرسي رکو ته جيئن جهڙي طرح هي منهنجي زمين تي منهنجي ٻانهن اڳيان منهنجي بزرگي بيان ڪندو هو، (اهڙي طرح) منهنجي آسمانن ۾(به) هي منهنجي ملائڪن اڳيان منهنجي عظمت بيان ڪري۔([1])
ہوں درود و سلام آقا لب پر مُدام ہر گھڑی دَم بَدَم، تاجدارِ حرم([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّيّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * نگاهون جهڪائي ڪري توجھ سان بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين جي تعظيم جي خاطر جيتري دير ٿئي سگهيو روزانو ٻه زانو يعني اَلتَّحِیَّات جي صورت ۾ ويهندس* ضرورت مطابق سرڪِي ڪري ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * چتائي ڏسڻ، ڇڙٻڻ، الجهڻ کان بچندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس. * هٿ ملائيندس. ۽ * نيڪي جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت علي بن صالح ۽ حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِمَا ٻئي ڀائر هئا۔ انهن