Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

حضرت ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نماز ۽ تِلاوت سان خصوصي محبت هئي، ان جي برڪت سان سندن تي اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، جيئن سندن وفات کان بعد تدفِين جي دوران اوچتو هڪ سِر قبر جي اندر ڪري پئي، ماڻهو سِر کڻڻ جي لاءِ جڏهن قبر ۾ جھڪيا ته اِهو ڏسي حيران ٿي ويا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قبر ۾ بيهي نماز پڙهي رهيا آهن! جڏهن سندن گهر وارن کان پڇيو ويو ته شهزادِي صاحبه ٻڌايو؛ والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو دعا گھرندا هئا؛ ”يا الله پاڪ! جيڪڏهن تون ڪنهن کي وفات کان پوءِ قبر ۾ نماز پڙهڻ جي سعادت عطا فرمائين ته مون کي به ان جو شرف عطا ڪجانءِ۔([1]) منقول آهي: جڏهن به ماڻهو حضرت ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوتِ قرآن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔([2])

دہن میلا نہیں ہوتا، بدن میلا نہیں ہوتا     خُدا کے اَوْلیا کا تو کفن میلا نہیں ہوتا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

قرآن پڙهندو وڃ! جنّت جا درجات پار ڪندو وڃ...!

 اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان تِلاوتِ قرآن جي برڪت! الْحَمْدُ لِله! قرآنِ مجيد باوَفَا آهي، اسان جا رشتا، اسان جا تعلقات، اسان جون دوستيون هي سڀئي قبر کان پهريان تائين آهن، جيئن ئي جسم مان رُوح جُدا ٿيندو آهي، مَيت قبر ۾ لهندي آهي، سڀئي رشتا ناطا ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن۔

دَبَا کے قبر میں سب چل دئیے دُعا نہ سلام   ذرا سِی دیر میں کیا ہو گیا زمانے کو

الْحَمْدُ لِله! قرآنِ ڪريم وَفَا ڪندو آهي، جيڪو ٻانهو قرآنِ ڪريم سان پنهنجو تعلق جوڙي رکي ٿو، قرآنِ ڪريم سان محبت جو رشتو مضبوط ڪري


 

 



[1]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، رقم:2568، صفحہ:362۔

[2]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، رقم:2583، صفحہ:366۔