Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِى اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: بيشڪ هي قرآن الله پاڪ جي دعوت آهي، الله پاڪ جي دعوت کي جيترو سکي سگھو ٿا، سکو! بيشڪ هي قرآنِ ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رَسّي آهي، جيڪو قرآنِ ڪريم کي مضبوطي سان پڪڙي، ته قرآنِ ڪريم ان جي لاءِ حِفَاظت آهي، جيڪو قرآنِ ڪريم جي پيروي ڪري، ته قرآنِ ڪريم ان جي لاءِ نجات جو ذريعو آهي۔([1])
ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خدایا اللہ! تلاوت میں مرے دِل کو لگا دے
اي عاشقانِ رسول! ڏسو! قرآنِ ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رَسّي آهي، جيڪو هن رَسّي کي مضبوطي سان پڪڙي، قرآنِ ڪريم سان پُوري طرح وابسته ٿي وڃي، قرآنِ مجيد کي دِل ۽ جان سان اپنائي وٺي، ڏينهن رات ذوق ۽ شوق سان تِلاوت کي پنهنجو معمول بڻائي، اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! قرآن مجيد دُنيا ۾، قبر ۾، ميدانِ محشر ۾، ميزان تي، پُلصِراط تي هر هنڌ هن جي حفاظت فرمائيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنّت تائين پهچائيندو۔
الله پاڪ ان دِل کي عذاب ناهي ڏيندو
حضرت ابو اُمامه رَضِى اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قرآن پڙهو! بيشڪ جيڪا دِل قرآنِ ڪريم جي جُزدان هجي، الله پاڪ ان دِل کي عذاب ناهي ڏيندو۔([2])
فلموں سے ڈراموں سے عطا کر دے تُو نفرت بس شوق مجھے نعت و تلاوت کا خُدا دے
قرآنِ شريف جي ٻين ڪتابن تي فضيلت
حضرت ابوسعيد خُدري رَضِى اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي محبوب نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: جيڪو ٻانهو تِلاوتِ قرآن ۽ منهنجي ذِڪر ۾ مَصرُوف ٿيڻ جي سبب مون کا ڪجھ