Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
هڪ ڏينهن امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز پڙھي رهيا هئا، ان دوران ماکي جي مک سندن کي 17 جڳهن تي ڏنگ هنيو، نماز پُوري ڪرڻ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايون: ٿورو ڏسو ته ڪهڙي شيء آهي جيڪا نماز ۾ مون کي تڪليف پهچائي رهي هئي؟ شاگردن ڏٺو ته سندن پُٺي مبارڪ 17 جڳهن تان سُڄيل هئي۔ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماکي جي مک جي 17 هنڌ ڏنگ هڻڻ جي باوُجُود نماز نه ٽوڙڻ جي متعلق فرمايو: مان هڪ آيت جي تلاوت ڪري رهيو هئس ۽ منهنجي هي خواهش هئي ته مان هي آيت پُوري ڪري وٺان۔([1])
حضرت اَسوَد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت
حضرت اَسۡوَد بن يزيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام گھڻا عبادت گذار هئا، پاڻ به صحابي سڳورن رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيهِمْ جي صحبت حاصِل ڪئي، تِلاوتِ قرآن سان تمام گهڻي محبت رکندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر 6 ڏينهن ۾ هڪ ختم شريف ڪڍندا هئا ۽ رمضان المبارڪ ۾ سندن اها محبت گھڻي عروج تي هوندي هئي، کين مبارڪ معمول هو ته مغرب کان بعد عشاء تائين آرام ڪندا هئا، پوءِ سڄي رات قرآنِ پاڪ جي تلاوت ۾ گذاريندا هئا، هر ٻن راتين ۾ هڪ ڀيري ختم پاڪ ڪندا هئا، زِندگي جي آخري ڏينهن ۾ پاڻ سخت بيمار ٿي ويا هئا، بيماري جي شِدَّت سبب پاسو ورائڻ مشڪل ٿي ويو هو، ان جي باوُجُود سندن ذوقِ تِلاوت گھٽ نه ٿيو، پنهنجي ڀاڻيجي حضرت ابراهيم نخعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سهارو وٺي تِلاوت ڪندا هئا۔([2])
امام نَافِع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت
امام نَافِع مدني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قراءَت جا امام آهن، پاڻ پهريان غُلام هوندا هئا، پوءِ الله پاڪ کين آزادي جي نعمت عطا فرمائي، امام نافع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 70 تابعين کان قرآنِ ڪريم پڙهڻ جي سعادت حاصِل ڪئي، پوءِ سڄي زِندگي قرآنِ ڪريم