Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
ڪري سگھان۔ آخرڪار هڪ سال تائين ڏينهن رات محنت ڪرڻ کان بعد خليل خان حافِظِ قرآن بڻجي ويو ۽ آئنده سال پنهنجي والد سلطان محمود وٽ پهچي چيائين: هن سال رمضان المبارڪ ۾ تراويح مان پڙهائيندس۔ سلطان حيرت وچان پڇيو: توهان ڪڏهن کان حافِظ ٿيا آهيو؟ خليل خان والِد کي اهو ئي واقعو ياد ڏياريو ۽ عُلَماء ڪرام جي گفتگو ياد ڏيارائي ۽ چيائين: بَس انهيء وقت مون قرآنِ مجيد حِفظ ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي مان حافِظ آهيان۔ سلطان محمود پنهنجي هوشيار پٽ کي تراويح پڙھائڻ جي اجازت ڏني، خليل خان پهرين ڏينهن تراويح ۾ سڄو قرآنِ ڪريم ختم ڪيو، سلطان پويان بيهي ٻڌندو رهيو، ٻئي ڏينهن وري پُورو قرآنِ ڪريم ختم ڪيو، سلطان پويان بيهي ٻڌندو رهيو، پهرين 16 تراويح ۾ خليل خان 16 ڀيرا قرآن پاڪ ختم ڪيو، سورهين ڏينهن سلطان محمود پنهنجي هونهار پٽ کي سيني سان لڳايو، پيشاني تي چمي ڏيندي چيو: خليل خان! توهان جو شڪريو ڪيئن ادا ڪيان جو توهان منهنجي لاءِ قيامت جي ڏينهن سج جي گرمي کان بچڻ جو سامان ڪيو آهي۔
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هي ڪيترا عظيم ماڻهو هئا، انهن کي تِلاوتِ قرآن جو ڪيترو شوق هو؟ ڪو روزانو ختمِ قرآن ڪندو هو، ڪو 2 ڏينهن ۾ هڪ ڀيري مڪمل قرآنِ مجيد پڙھندو هو، ڪنهن سڄي زِندگي ۾ 18 هزار ڀيرا ختمِ قرآن جي سَعادت ماڻي، ڪنهن 12 هزار قرآنِ مجيد مڪمل پڙھيا۔ انهن تي رشڪ ڪرڻ گھرجي، اسان جي حالت ته اهڙي ٿي چڪي آهي جو اسان دُنيا داري تي رشڪ ڪيون ٿا * ڪو مهانگي گاڏي ڏسي ته بي اختيار آھ! نڪرندي آهي؛ ڪيتري پياري گاڏي آهي...!! ڪڏهن ته الله پاڪ مون کي به عطا فرمائيندو * ڪنهن عاليشان گھر ڀرسان گذرون ته بي اختيار چوندا آهيون: ڪيترو عاليشان بنگلو آهي * ڪنهن عهدي دار کي ڏسون ته رشڪ ڪندا آهيون* ڪنهن امير ڪبير کي ڏسي وٺون ته رشڪ ڪندا آهيون