Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
۾ شامِل آهن، جن تي الله پاڪ جو انعام آهي۔
ان شخص جو چوڻ آهي، هي حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي آخري گفتگو هئي، ان سان گڏ ئي سندن روح پرواز ڪري ويو۔([1]) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
تلاوت کی توفیق دیدے الٰہی! گناہوں کی ہو دُور دل سے سیاہی
اي عاشقانِ رسول! ٻڌو اوهان! حضرت علي بن صَالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن ڀاءُ ۽ والِده محترمه تِلاوتِ قرآن جا ڪيترا شوقين هئا، انهن جي گھر روزانو ختمِ قرآن ٿيندو هو، انهن خوش نصيبن کي شوقِ تِلاوت جو ڪيترو پيارو انعام مليو؛ حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي وفات کان پهريان، دُنيا ئي ۾ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام جي زيارت نصيب ٿي، حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام کين پاڻي به پيايو ۽ الله پڪ جو نيڪ ۽ انعام يافته ٻانهو هئڻ جي بِشَارت ڏني.
الله پاڪ اسان کي به ڪثرت تِلاوت جي توفيق عطا فرمائي۔ ڪاش! مديني پاڪ ۾، سنهري ڄارين جي سامهون، گنبدِ خضرا جي ڇانوَ ۾ تِلاوتِ قرآن ڪندي، درود پڙھندي، نعتن جا نذرانا پيش ڪندي، چڱي ۽ قابِلِ رَشڪ موت نصيب ٿئي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
اِلٰہی! خُوب دیدے شوق قرآں کی تلاوت کا شرف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا
ڇا جبريلِ اَمين عَلَيهِ السَّلَام زمين تي ايندا آهن؟
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪي ماڻهو هي خيال ڪن ٿا ته حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام ڇوته انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام وٽ وَحي کڻي ايندا هئا، هاڻي نبُوَّت ختم ٿي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام به زمين تي تشريف نٿا آڻن۔