Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
هنن آيتن کي پڙھندي ئي حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڏي رڙ ڪري غَش کائي زمين تي تشريف فرما ٿيا۔([1]) حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي آخري وقت به تِلاوتِ قرآن ۾ مَصرُوف هئا، انتقال جي وقت سندن زبان مبارڪ تي هي آيت سڳوري هئي:
تِلْكَ الدَّارُ الْاٰخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِیْنَ لَا یُرِیْدُوْنَ عُلُوًّا فِی الْاَرْضِ وَ لَا فَسَادًاؕ-وَ الْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِیْنَ(۸۳)
(پاره:20،سورۂ قَصَصْ:83)
ترجمو ڪنزُالعرفان: اهو آخرت جو گهر اسان انهن ماڻهن جي لاءِ بڻائيندا آهيون جيڪي زمين ۾ وڏائي ۽ فساد ناهن چاهيندا ۽ سٺو انجام پرهيزگارن جي لاءِ ئي آهي.
هن آيت سڳوري جي تِلاوت ڪندي ئي پاڻ هن دُنيا مان رُخصت ٿيا۔([2])
امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت
* ڪروڙين حنفين جا امام، امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 45 سال تائين عشاء جي وُضُو سان فجر جي نماز ادا فرمائي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ 61 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا، 30 قرآنِ مجيد ڏينهن جي وقتن ۾، 30 قرآنِ مجيد رات جي وقتن ۾ ۽ هڪ تراويح ۾۔([3]) * هڪ روايت جي مطابق امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 55 حج ڪيا ۽ جنهن گھر ۾ سندن وفات ٿي، ان گھر ۾ پاڻ 7 هزار ڀيرا ختمِ قرآن ڪيو هو۔([4]) * سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اِمامُ الْاَئِمَّه، امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو 30 سالن تائين هي معمول رهيو ته پاڻ هر رات هڪ رڪعت ۾ پُورو قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔([5])