Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

جڏهن به تِلاوت ڪندا هئا ته اکين مان لڙڪن جي برسات شروع ٿي ويندي هئي، ايستائين جو سندن تِلاوت جو آواز ٻُڌي مشرڪ سندن جي آسپاس گڏ ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي اکين مان به لڙڪ وهي ويندا هئا۔ ([1])

حضرت عبد الله بن عمر رَضِى اللهُ عَنْهمَا جو شوقِ تِلاوت

حضرت نافِع رَضِى اللهُ عَنْه حضرت عبد الله بن عمر رَضِى اللهُ عَنْهمَا جا غُلام آهن، سندن کان ڪنهن پڇيو: حضرت عبد الله بن عمر رَضِى اللهُ عَنْهمَا گھر ۾ رهي ڇا ڪندا هئا؟ حضرت نافع رَضِى اللهُ عَنْه فرمايو: حضرت عبد الله بن عمر رَضِى اللهُ عَنْهمَا جيڪو ڪجھ ڪندا هئا، ان جو معمول بنائڻ عام ماڻهن جي وس جي ڳالھ نه آهي۔ حضرت عبد الله بن عمر رَضِى اللهُ عَنْهمَا جو معمول هو ته هر نماز جي لاءِ تازو وُضُو ڪندا هئا ۽ نمازن جي وچ وارو وَقت تِلاوتِ قرآن ۾ گذاريندا هئا۔([2])

حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت

حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به قرآن ڪريم جي (تلاوت) جي شوقينن جي فهرست ۾ وڏو مقام رکن ٿا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي خوفِ خُدا وارا هئا، قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندي سندن تي رِقَّت طاري ٿئي ويندي هئي، خاص ڪري اهڙيون آيتون جن ۾ قيامت ۽ آخرت جي حساب ڪتاب جو ذِڪر هوندو هو، انهن کي پڙهي ته پاڻ خوفِ خُدا سان ڏڪڻ لڳندا هئا ۽ ڪڏهن بيهوش ٿي ويندا هئا۔ هڪ ڀيري حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سورت قارعه جون هي آيتون پڙھيون:

یَوْمَ یَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِۙ(۴) وَ تَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنْفُوْشِؕ(۵)  (پاره:30،سورۂ قَارِعَه:4-5)

ترجمو ڪنزُالعرفان: جنهن ڏينهن انسان پکڙيل پروانن وانگر هوندا. ۽ جبل رنگ برنگي پڃيل اُنَ وانگر ٿي ويندا.


 

 



[1]...بخاری، کِتَابُ الْکَفَالَۃ، بَابُ:جَوَارِ اَبِی بَکْر، صفحہ:591، حدیث:2297۔

[2]...تاریخ دمشق، جلد:31، صفحہ:128۔