Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
قرآنِ ڪريم جي عرض تي ان ٻانهي کي شاهي تاج ۽ ڪرامت جو لباس پارايو ويندو۔ پوءِ الله پاڪ قرآنِ ڪريم کي فرمائيندو: ھَلْ رَضَيْتَ؟ (اي قرآن!) ڇا تون راضِي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: يا رَبّ! هن کان به اَفضَل اَجر عطا فرما۔ هاڻي ان ٻانهي کي بادشاهت ۽ جنّت عطا ڪئي ويندي۔ پوءِ قرآنِ ڪريم کي چيو ويندو: ھَلْ رَضَيْتَ (اي قرآن!) ڇا هاڻي تون راضي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: ها، يا رَبّ (هاڻي مان راضي آهيان)۔([1])
تلاوت کا جذبہ عطا کر اِلٰہی! معاف فرما میری خطا ہر اِلٰہی!
قرآن الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي
مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِى اللهُ عَنْه کان روايت آهي، نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عنقريب فتنه ٿيندا۔ مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هنن کان بچڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ جو ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم)۔ پوءِ فرمايائون؛ قرآن ڪريم ۾ توهان کان اڳ وارن ۽ بعد وارن جون خبرون آهن ۽ قرآنِ ڪريم ۾ توهان بابت فيصلا آهن، جيڪو ظالم ان کي ڇڏيندو الله پاڪ ان کي تباھ ڪندو ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کان علاوه ڪنهن ٻئي مان هدايت ڳولهيندو الله پاڪ ان کي گمراھ ڪندو، قرآنِ ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رَسّي ۽ حڪمت وارو ذڪر آهي، قرآنِ ڪريم سڌي راھ آهي، قرآنِ ڪريم جي برڪت سان خواهشون مٽجنديون آهن، قرآنِ ڪريم جا عجائبات ختم ناهن ٿيندا، جيڪو قرآن مطابق ڳالھ ڪري اهو سچو آهي، جنهن ان تي عمل ڪيو اهو ثواب ماڻيندو، جيڪو قرآنِ ڪريم جي مطابق فيصلو ڪندو اهو انصاف ڪرڻ وارو هوندو ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم ڏانهن سڏيندو ته اهو ضرور سڌي راھ جي طرف سڏيندڙ هوندو۔([2])