Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
سڄي رات نماز ۾ تِلاوت ڪندا رهيا
حضرت سَيدُنا ابن ابي زائد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا مون کي تنهائي ۾ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪو مسئلو پڇڻو هو، مون عِشَاء جي نماز پاڻ سان گڏ مسجد ۾ ادا ڪئي، نمازي نماز پڙھي هليا ويا، مان مسئلو پڇڻ جي لاءِ رُڪي ويس، امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي منهنجي موجودگي جو عِلم نه هو، پاڻ بيهي نماز ۾ قرآن پڙهڻ شروع ڪيائون، مان انتظار ڪري رهيو هئس ته ڪڏهن امامِ اعظم فارِغ ٿين ۽ مان مسئلو پڇان پر امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تِلاوت ڪندا ويا، ڪندا ويا، جڏهن سيپاري: 27، سورت طُور جي هن آيت تي پهتا:
فَمَنَّ اللّٰهُ عَلَیْنَا وَ وَقٰىنَا عَذَابَ السَّمُوْمِ(۲۷) (پاره:27،سورۂ طُوْر:27)
ترجموڪنزُ العرفان: سو الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي(جهنم جي) سخت گرم هوا جي عذاب کان بچائي ورتو.
ته امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي رِقّت طاري ٿي وئي، پاڻ انهي آيت کي هر هر پڙهندا رهيا، ايستائين جو صبح ٿي وئي ۽ مؤذِّن فجر جي اذان ڏني ۔([1])
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت
حديثِ پاڪ جا تمام وڏا امام، امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي تِلاوتِ قرآن سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هو، پاڻ رمضان المبارڪ ۾ روزانو هڪ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا ۽ رات جي نفلن ۾ هر ٽن راتين ۾ هڪ ختمِ پاڪ ڪندا هئا۔([2])