Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
* ڪنهن جي بينڪ بيلنس جي باري ۾ ٻڌون ته وات ۾ پاڻي اچڻ لڳي ٿو۔ ڪاش! اسان تلاوتِ قرآن جي شوقينن تي رَشڪ ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رشڪ صِرف ٻن ماڻهن تي آهي: 1: هڪ اهو جنهن کي الله پاڪ قرآن عطا ڪيو ۽ هو ڏينهن رات ان جي تلاوت ڪري ٿو 2: ٻيو اهو جنهن کي الله پاڪ مال عطا ڪيو ۽ هو ڏينهن رات پنهنجو مال راھ خُدا ۾ خرچ ڪري ٿو۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته دِل ۾ شوقِ تِلاوت وڌايون ۽ روزانو ڪجھ نه تِلاوت ضرور ڪريون، ٿي سگھي ته ڪجھ سُورتون زباني ياد ڪري وٺون، وقت بوقت پڙھندا رهون بلڪ نماز ۾ انهن سُورتن جي تِلاوت ڪريون، اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! کوڙ ثواب نصيب ٿيندو۔ مسلمانن جا چوٿان خليفه اميرالمؤمنين حضرت موليٰ علي رَضِى اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جيڪو نماز ۾ بيهي تِلاوت ڪري، ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 100 نيڪيون آهن، جيڪو نماز ۾ ويهي تِلاوت ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 50 نيڪيون لکي ٿو، جيڪو نماز کان عِلاوه قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪري، ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 10 نيڪيون آهن، ۔([2])
هڪ حديث شريف ۾ آهي: قرآن شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شَفَاعت قبول ڪئي ويندي، جيڪو ٻانهو قرآنِ مجيد کي پنهنجو امام بڻائي، قرآنِ ڪريم ان کي جنّت ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ جيڪو ٻانهو قرآنِ مجيد کي ڇڏي ڏئي، ان کي جهنّم جي طرف هلائي ڇڏيندو آهي۔([3])