Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

حالّ مُرتَحِل ۡ ڇا کي چئبو آهي؟

ڪاش! اسان کي شوقِ تلاوت نصيب ٿي وڃي۔ حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِى اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اَفضَل عَمَل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: توهان تي لازم آهي ته حال مُرْتحِلْ (يعني منزل تي پهچي وري سَفَر شروع ڪرڻ وارا) بڻجي وڃو! ان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حالّ مُرْتَحِل ڇا آهي؟ فرمايائون: اهو قرآن پڙهڻ وارو جيڪو قرآنِ ڪريم کي ابتدا کان پڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ آخر تائين پهچي ويندو آهي، جڏهن قرآنِ ڪريم مڪمل ڪري ڇڏيندو آهي ته ٻيهر ابتداء کان شروع ڪندو آهي، جڏهن به هو پنهنجي منزل تي پهچندو آهي، ٻيهر سَفَر شروع ڪري ڇڏيندو آهي۔([1])

تلاوت جو شوق رکندڙن  جا واقعا

پيارا اسلامي ڀائرو! الْحَمْدُ لِله! اسان جا بزرگ سڳورا، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اهڙا ئي هئا، هي صحيح معني ۾ قرآنِ ڪريم جا قدردان هئا، ڏينهن رات ڪثرت سان تِلاوت ڪرڻ، هڪ ڀيرو قرآنِ ڪريم مڪمل ڪري ٻيهر شروع ڪرڻ، تِلاوت کان ڪڏهن نه بيزار ٿيڻ انهن جي معمولات جو حِصو هو:

پهرين خليفي ابو بڪر صديق رَضِى اللهُ عَنْه جو شوقِ تِلاوت

 حضرت ابو بڪر صديق رَضِى اللهُ عَنْه مسلمانن جا پهريان خليفه آهن، عظيمُ الشَّان صحابيءِ رسول آهن، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا يارِ غار به آهن، يارِ مزار به آهن، حضرت ابو بڪر صديق رَضِى اللهُ عَنْه جڏهن مڪه مڪرمه ۾ تشريف فرما هئا، اڃا هجرت ڪري مديني پاڪ نه آيا هئا، ان وقت کين پنهنجي گھر ۾ مَسجِدِ بيت بڻائي رکي هئي، پاڻ اتي نوافل ادا ڪندا هئا ۽ قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪندا هئا، حضرت ابوبڪر صديق رَضِى اللهُ عَنْه گھڻا نرم دِل هئا، پاڻ


 

 



[1]...ترمذی، کتاب القراءت، صفحہ:684، حدیث:2948۔