Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

هڪ عاشِقِ قرآن جي قبر جو حال

هڪ وڏو قابِلِ رَشڪ واقعو بيان ڪيو ويندو آهي ته ڪٿي هڪ شخص جو انتقال ٿيو، ماڻهو ان جي ڪفن دَفَن جو انتظام ڪرڻ لڳا، قبر کوٺڻ وقت اوچتو پاسي واري هڪ قبر ٽٽي پئي ۽ مٿي واري پاسي کان سُوراخ ٿي ويو، اتي موجود ماڻهن قبر جي اندر جو هي ايمان افروز منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو ته قبر ۾ ميت بلڪل صحيح سلامت آهي ۽ ان جي چهري جي مٿان وڻ جي هڪ ٽاري آهي، جنهن مان قطرا ٽپڪي رهيا آهن ۽ قبر ۾ خوشبوئون مهڪي رهيون آهن۔ ماڻهن ميت کي سڃاڻي ورتو، جيئن ته پنهنجي عزيز جي تدفين کان بعد ماڻهو ان شخص جي گھر پهتا، ان جي بيوه جيڪا هاڻي پوڙهي ٿي چڪي هئي، ان کان پڇيائون: توهان جي مڙس جو ڪهڙو نيڪ عَمَل هو، جنهن جي برڪت سان ان جي قبر مهڪي رهي آهي؟ پوڙهيءَ عورت چيو: منهنجو مڙس پڙهيل لکيل نه هو، هو به عام ماڻهن جيان نمازون پڙھندو ۽ روزا رکندو هو، مزدور ماڻهو هو، ان کي قرآنِ ڪريم به پڙهڻ نه ايندو هو پر هو قرآنِ مجيد سان گھڻي محبت ڪندو هو، ان جي دِل چاهيندي هئي ته ان کي به قرآن پڙهڻ اچي وڃي ۽ اهو به تلاوت ڪندو ڪري۔ انهيء شوق ۾ هو قرآنِ مجيد کولي ويهي رهندو ۽ هر سِٽ تي آڱر ڦيرندي چوندو هو: ياالله پاڪ! مون کي پڙهڻ ته نٿو اچي پر تو جيڪو فرمايو آهي، بلڪل سچ فرمايو آهي، پوءِ اڳئين سٽ تي آڱر ڦيريندي چوندو هو: موليٰ! تو هي به سچ  فرمايو آهي، اِلٰهي! هي به سچ فرمايو آهي۔ ايئن ئي ڪندي ڪندي هو پُورو قرآنِ ڪريم مڪمل ڪندو هو۔ بَس اهو ئي هڪ خاص عَمَل آهي، شايد انهيء جي برڪت سان ان جي قبر مهڪي رهي آهي۔

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! شوقِ تِلاوت جي برڪت...! قرآنِ مجيد واقعي تمام باوَفَا آهي، جيڪو قرآنِ مجيد سان پُوري طرح وابسته ٿي ويندو آهي، قرآنِ مجيد ان کي ڪڏهن به محروم ناهي ڇڏيندو۔ هتي هي به خيال رهي ته الله پاڪ جي رَحمت ذَرّي نواز آهي، الله پاڪ جنهن کي چاهي ٿو