Tilawat e Quran Kay Shoqeen

Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen

معمولي عَمَل تي رحمتن سان مالا مال ڪري ڇڏي ٿو، اهو شخص قرآنِ ڪريم پڙهڻ نه ڄاڻندو هو، ان جي باوُجُود ان کي شوقِ تِلاوت جون برڪتون نصيب ٿيون، هي الله پاڪ جي رحمت آهي، هن جو اِهو مطلب هر گز نه آهي ته  اسان قرآنِ مجيد نه سکون، جهالت کي اپنايون۔ نه، نه...! اسان کي قرآنِ مجيد سکڻو به آهي، تجويد به سکڻي آهي، دُرُست مخارج به سکڻا آهن، قرآنِ مجيد کي سمجھڻ جي به ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ شوق ۽ ذوق سان تِلاوت به ڪرڻي آهي۔ الله پاڪ اسان کي قرآنِ مجيد سان ڪامِل وابستگي نصيب فرمائي۔    آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اي عاشقانِ رسول! اَفسوس جي ڳالھ آهي جو هاڻي اسان جو حال تمام بُرو ٿي چڪو آهي؛ اسان ٿورو پنهنجي ماضِي لاءِ سوچيون، اسان زِندگي ۾ ڪيترا قرآنِ مجيد ختم ڪيا آهن؟ اسان روزانو ڪيتري تِلاوت ڪيون ٿا؟ شايد هنن سوالن جو جواب اسان کي خاطر خواه نه مِلي سگھندو، اسان تِلاوت ناهيون ڪندا، ڪندا به آهيون ته تمام گھٽ ڪندا آهيون، ڪيئي ڪيئي ڏينهن، ڪيئي ڪيئي مهينا بلڪ کوڙ سارن جا ته ڪافي سال به بغير تِلاوت جي گذري وڃن ٿا۔

دُنیا کی خرافات میں مغرور ہوئے ہیں       ہم لوگ تلاوت سے بہت دُور ہوئے ہیں

 بَس هر وقت دُنياوي مال ڪمائڻ جو فِڪر آهي * ڪاروبار وڌي وڃي * آمدني ۾ اِضَافو ٿي وڃي * گاڏيون ملي وڃن * بنگلا مِلي وڃن * عهدا مِلي وڃن * منصب نصيب ٿي وڃن، بَس اهو ئي فِڪر آهي ۽ هاڻي سوشل ميڊيا اچي ويو * فيس بُڪ تي پوسٽون ڪرڻ جو شوق آهي * سيلفي ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائِرل ڪرڻ ۽ لائيڪ وڌائڻ جو شوق آهي۔

آہ! پلے نہ کچھ تِلاوت ہے          نہ درودوں کی کوئی کثرت ہے

آہ! عصیاں کی خُوب کثرت ہے        یانبی! التجائے رحمت ہے