Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
جو گھراڻو تِلاوت قرآن جو گھڻو شوقين هو، سندن گھر ۾ روزانو رات جو هڪ قرآن پاڪ ختم ڪيو ويندو هو۔ انداز اِهو هو جو قرآنِ پاڪ جو ٽيون حصو (One Third) حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تلاوت ڪندا هئا، ٻيون حصو سندن ڀاءُ حضرت حسن بن صالح تلاوت ڪندا هئا، جڏهن ته ٽيون آخري حصو سندن والده محترمه تلاوت ڪنديون هيون۔ اهڙي طرح سندن گھر ۾ روزانو هڪ ختمِ قرآن جي ترڪيب ٿيندي هئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ سندن امڙ جو انتقال ٿي ويو۔ هاڻي هڪ ڀاتي گھٽ ٿي ويو هو، ان جي باوُجُود انهن قرآنِ ڪريم جي تلاوت ۾ گهٽتائي اچڻ نه ڏني، ٻنهي ڀائرن گڏجي والِده محترمه جي ڪمي پُوري ڪئي ۽ اهي ٻئي ملي اڌ اڌ قرآن تلاوت ڪندا هئا ۽ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا هئا۔ پوءِ ڪجھ عرصي کان بعد حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به انتقال ٿي ويو ته هاڻي حضرت حَسَن بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڪيلا رهجي ويا پر سندن شوقِ تلاوت تي قربان! انهن تِلاوت ۾ ڪمي نه اچڻ ڏني، هاڻي حضرت حَسَن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڪيلا ئي پنهنجي والده ۽ ڀاءُ جي حِصي جي به تِلاوت ڪندا هئا يعني روزانو اڪيلا ئي سڄو قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔
حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ قريبي شخص جو بيان آهي؛ جنهن رات حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انتقال ٿيو، مان انهن وٽ هئس، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون کان پاڻي گھريو، مان ان وقت نماز پڙھي رهيو هئس، تنهنڪري يڪدم پاڻي پيش نه ڪري سگھيس، نماز کان فارِغ ٿي مان جلدي سان پاڻي کڻي حاضِر ٿيس ته حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مون هاڻي هاڻي پاڻي پيتو آهي۔ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي ته مون کان علاوه هتي ٻيو ڪوبه نه آهي، پوءِ پاڻي ڪنهن پيش ڪيو؟ مون حضرت علي بن صالِح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پنهنجي هن حيراني جو ذِڪر ڪيو ته فرمايائون: الله پاڪ جي رحمت سان هاڻي هاڻي حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام مون کي پاڻي پيئاريو ۽ فرمايائون: انبياء، صديقين، شُهداء ۽ صالحين (يعني نيڪ ٻانها) اهي آهن، جن تي الله پاڪ انعام فرمايو، (اي علي بن صالِح!) ٻُڌو...! توهان، توهان جو ڀاءُ ۽ توهان جي والده به انهي نيڪ ماڻهن