Reham Dili Kesay Mili

Book Name:Reham Dili Kesay Mili

ڪيون، نمازون پڙهون، درود پاڪ جي ڪثرت ڪيو، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل نرم ٿيندي * ذڪر اذڪار جي برڪات مان هڪ هي به آهي ته الله پاڪ جي جنهن نالي مبارڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪيو وڃي، ان نالي پاڪ جا اثرات طبيعت تي ٿيڻ لڳندا آهن. لهٰذا الله پاڪ جي مبارڪ نالن یارَحْمٰنُ، یَارَحِیْمُ جو ذڪر ڪثرت سان ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل ۾ رحم ۽ شفقت جا جذبات وڌندا * اهڙيءَ طرح درودِ پاڪ جي برڪتن مان هي به آهي ته جيڪو ٻانهو ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهندو آهي، ان کي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صفتن جو فيضان ملڻ لڳندو آهي. لهٰذا درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! رحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمت ۽ شفقت جو فيضان ملندو * قبر ۽ آخرت کي وساري ويهڻ دل جي سختي جو نهايت اهم سبب آهي. لهٰذا رحم دلي جي نعمت ماڻڻ جي لاءِ قبر ۽ آخرت کي ياد ڪيو! قبرستان وڃڻ جو معمول بڻايو، قبرستان وارن جي لاءِ فاتحه شريف به پڙهو، ايصالِ ثواب به ڪيو، پوءِ ڪجھ دير ويهي ڪري قبر، ان جي هولناڪين، قبر جي اونداهي، اڪيلائي، وحشت، پوءِ قيامت جي ڏينهن قبر مان اٿڻ، بارگاھِ الهي ۾ پيش ٿيڻ وغيره، انهن سڀني معاملن  جي باري ۾ غور ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل ۾ نرمي پيدا ٿيندي ۽ رحم دلي نصيب ٿيندي * اهڙيءَ طرح يتيمن جي مٿي تي هٿ، غريبن جي مدد ڪرڻ، بي سهارن جو سهارو بڻجڻ به رحم دلي پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان دل تي بوجھ وجهي ڪري، نفسِ امّاره کي ڌٻائي ڪري شفقت ۽ رحم دلي جو مظاهرو ڪرڻ لڳي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! آهسته آهسته دل ۾ رحم دلي جا جذبات ويهندا ويندا ۽ ربِّ ڪريم چاهيو ته رحم دلي اسان جي طبيعت جو حصو بڻجي ويندي.

 *  دل جي سختي، رحم دلي جي جذبات جو نه هجڻ، ان جو هڪ اهم سبب بُري صحبت به آهي. بُرن ۽ ظالم طبيعت ماڻهن وٽ ويهنداسين ته دل سخت