Reham Dili Kesay Mili

Book Name:Reham Dili Kesay Mili

عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، الحمد لله! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلن جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                        نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل                         نیک ہو امَّت اے نانائے حسین ([1])

  پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔