Book Name:Reham Dili Kesay Mili

مبارڪ جي ويجهو پنهنجو منهن ڪيو (ڄڻ ڪن ۾ ڪجھ چئي رهيو هو). فرياد ٻڌڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اٺ جي فرياد ٻڌي ڪري فرمايو: اي اٺ! پُر سڪون ٿي وڃ...!! جيڪڏهن تون سچو آهين ته تنهنجو سچ تنهنجي لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن تون ڪوڙو آهين ته توکي ان ڪوڙ جي سزا ملندي. بيشڪ جيڪو اسان جي دامن ۾ پناھ وٺندو آهي، الله پاڪ ان کي امن سان نوازيندو آهي، جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ اچي ويو، اهو ڪڏهن به نامراد ناهي رهندو.

تميم داري رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اسان عرض ڪيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اٺ ڇا ٿو چئي؟ فرمايائون: ان جا مالڪ هن کي ذبح ڪرڻ چاهين ٿا، هي انهن کان ڇڏائي ڪري ڀڄي آيو آهي  ۽ توهان جي نبي ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) کان پناھ گهري ٿو. اڃان هي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته اٺ جا مالڪ به اتي اچي پهتا، اٺ جيئن ئي انهن کي ڏٺو ته بي ڪسن جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پٺيان لڪڻ لڳو، اٺ جا مالڪ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يا رسولَ الله
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي اسان جو اٺ آهي، 3 ڏينهن کان اسان هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ آهيون پر هي هٿ ئي نه ٿو اچي، اڄ توهان جي بارگاھ ۾ مليو آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هن توهان جي نهايت بُري شڪايت (Complaint) ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته هي سالن جا سال توهان جي خدمت ڪندو رهيو آهي، هاڻي جڏهن ته هي پوڙهو ٿي ويو آهي ته توهان هن کي نَحر ڪرڻ چاهيو ٿا. اٺ جي مالڪن چيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اٺ سچ ٿو چئي. فرمايائون: ڇا نيڪ خدمت گذار جي اها ئي جزا هوندي آهي؟ پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن کان 100 درهمن جي عيوض اٺ خريد ڪيو ۽ اٺ کي فرمايائون: وڃ...!! تون الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آزاد آهين. اٺ رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن امّت کي دعائون