Book Name:Reham Dili Kesay Mili

ڏيندو هليو ويو. ([1])

اپنے مولا کی ہے بس شانِ عظیم، جانور بھی کریں جن کی تعظیم

سنگ کرتے ہیں ادب سے تسلیم، پیڑ سجدے میں گِرا کرتے ہیں

ہاں یہیں کرتی ہیں چڑیاں فریاد، ہاں یہیں چاہتی ہے ہرنی داد

اسی در پر شترانِ ناشاد گلۂ رنج و عنا کرتے ہیں

وضاحت: اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نرالو شان آهي، جانور به سندن تعظيم ڪندا آهن، پٿر ادب سان کين سلام ڪندا آهن، وڻ سندن حضور سجدي ۾ ڪرندا آهن، ها! ها! هيءَ ئي بارگاھ آهي جتي جهرڪيون به فرياد ڪنديون آهن، هرڻي هتان مدد گهرندي آهي ۽ هيءُ ئي دنيا وارن جي سلطان جو در آهي جتي اٺ به اچي ڪري ڏکَ ۽ غم کان نجات جو فرياد ڪندا آهن.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڇا ته نرالو شان آهي. اٺ حلال جانور آهي ۽ حلال جانور کي نَحر ڪرڻ، ان جو گوشت کائڻ بلڪل جائز آهي، رحمتن واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن خود پنهنجي رحمت ڀري هٿن سان اٺَ نحر فرمايا آهن پر هتي معاملو ڪجھ ٻيو هو، ان اٺ سالن جا سال پنهنجي مالڪن جي خدمت ڪئي هئي، ان نحر ٿيڻ نه ٿي چاهيو، ان جي خواهش هئي ته مون کي منهنجي خدمت جو سُٺو بدلو (Reward) ڏنو وڃي، ان ڪري ان بارگاھ رسالت ۾ پناھ گهري ۽ الحمد لله! جيڪو محبوبِ خدا امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دامن ۾ پناھ وٺندو آهي، اهو ڪڏهن به نامُراد ناهي رهندو. اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڀاءُ مولانا حَسن رضا


 

 



[1]... الترغیب والترہیب، کتاب القضاء وغیرہ،ترغیب فی شفقۃ علی خلق اللہ، صفحہ:739، حدیث:24۔