2 Buland Rutba Shakhsiyat

Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

تيل وِڌائون. مهمان چيو: اي اميرُالمؤمنين! اوهان پاڻ ذاتي طور تي هي ڪم ڪيو؟ فرمايائون: ذَھَبْتُ وَاَنَا عُمَرُ ، وَرَجَعْتُ وَ اَنَا عُمَرُ  جڏهن مان (هن ڪم جي لاءِ) ويس تڏهن به عُمر هيس ۽ جڏهن واپس آيس تڏهن به عُمر هيس، منهنجي مرتبي ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي ۽ بهترين ماڻهو اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي لاءِ نِوڙت ڪرڻ وارو هجي.[1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيتري قدر عاجزي فرمائي، الله پاڪ اسان کي به عاجزي ۽ انڪساري جي توفيق نصيب فرمائي. ڳالھ واقعي سچي آهي * جيڪو تڪبر ڪندو آهي، آهي ته اهو به انسان، اهو به مٽيءَ مان ئي بڻيو آهي، ان جا به 2 هٿ، 2 اکيون، 2 ڪن آهن ۽ * جيڪو عاجزي اختيار ڪندو آهي، اهو به انسان ئي آهي، اهو به الله پاڪ جو ٻانهو ئي آهي. هڪ جي عاجزي ڪرڻ ۽ ٻئي جي تڪبر ڪرڻ سان انهن جي هستيءَ ۾ ڪو فرق نه پوندو، ها! فرق پوندو آهي انجام ۾، تڪبر جو انجام ذلّت ۽ هلاڪت آهي جڏهن ته عاجزي ۽ انڪساري جو انجام بُلندي آهي. نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عالي شان آهي: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪري الله پاڪ ان کي بُلندي عطا فرمائيندو، بَس اهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو پر ماڻهن جي نظر ۾ عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبر ڪري الله پاڪ ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو، بَس اهو ماڻهن جي نظر ۾ ننڍو هوندو پر پاڻ کي وڏو سمجهندو هوندو ايستائين جو اهو ماڻهن جي ويجهو خِنزير کان به بدتَر ٿي ويندو آهي. [2]

فخرو غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا                            یاربّ!مجھے بنا دے پیکر تُو عاجِزی کا [3]


 

 



[1] احیاءُ علومِ الدین،کتاب ذم الکبر و العجب،بیان اخلاقِ المتواضعین…الخ،جلد:3،صفحہ:435 ۔

[2] کنز العمال،کتاب الاخلاق ،جز:3 ،جلد:2 ،صفحہ:50،حدیث:5734۔

[3] وسائلِ بخشش، صفحہ:178۔