Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

* جيڪڏهن شام ٿي ويندي هئي ۽ هو مسلمانن جي ڪمن کان واندا نه ٿيندا هئا ته ڏينهن سان گڏ رات به ملائيندا هئا ۽ رات جو دير تائين ڪم ڪندا رهندا هئا * جڏهن روزانو جا ڪم ختم ٿي ويندا هئا ته پنهنجو ڏيئو گهرائيندا، پوءِ 2 رڪعت نفل پڙهندا ۽ مٿو گوڏن تي رکي ڪري اوڪڙو (پيرن ڀَر ويهڻ جو اهو انداز جنهن ۾ رانون پيٽ سان ۽ گوڏا سيني سان ۽ پِنيون رانن سان ميل رهنديون آهن) ويهي رهندا هئا * ٿوري دير ۾ ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا ۽ ايتري قدر درد سان روئيندا هئا جو ڄڻ سندن دل ڦاٽي پوندي ۽ روح نڪري ويندو، سڄي رات اها ئي ڪيفيت رهندي هئي، جڏهن صبح ٿيندو هو ته روزو رکي وٺندا هئا.[1]

محبت میں اپنی گُما یاالہٰی!                                              نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالہٰی!

رہوں مَست و بے خُود میں تیری وِلا میں                 پِلا   جام   ایسا   پِلا   یاالہٰی![2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تلاوت هجي ته اهڙي هجي!

   حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي انتقال کان بعد سندن زوجهءِ محترمه حضرت فاطمه بنتِ عبدُ الملڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها تمام گهڻو روئينديون هيون ايستائين جو سندن نظر هلي وئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها کان جڏهن ايترو روئڻ جو سبب پڇيو ويو ته فرمايائون: الله پاڪ جو قسم! مون کي اهو عجيب ۽ غريب ۽ درد ڀَريو منظر روئاريندو آهي، جيڪو مون هڪ رات ڏٺو. ان رات مان هي سمجهيس ته ڪو نهايت خوفناڪ منظر ڏسي حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هيءَ حالت ٿي وئي آهي ۽ اڄ رات سندن انتقال ٿي ويندو. ان رات مون ڏٺو ته حضرت عُمر


 

 



[1] سیرۃ عمر بن عبد العزیزلابن عبدالحکم،صفحہ:150۔

[2]  وسائلِ بخشش،صفحہ:105۔