Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

ڇانيل هوندي آهي ۽ ان تي آسمان جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن پوءِ ان کي پُراڻي ڪپڙي جيان ويڙهي ڪري ان نمازيءَ جي منهن تي هنيو ويندو آهي. [1]

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                                  ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

آؤ مسجد میں جُھک جاؤ رَبّ کے حُضُور                           تم کو دِلوائے گی حق سے رِفْعَت نماز[2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عالِم دين جو ادب ۽ احترام

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عُمر بن عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن مديني جا گورنر هئا، ان وقت به ۽ جڏهن خليفا بڻيا، تڏهن به عُلماءِ ڪرام جو تمام گهڻو ادب ۽ احترام ڪندا هئا، حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اڍائي سالن جي مختصر عرصي ۾ دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪامياب ترين خلافت کي خلافتِ راشده چيو ويندو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ان بي مثال ڪاميابي جو هڪ سبب عُلماءِ دين جو قدر ڪرڻ به آهي. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي، حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مديني پاڪ جا گورنر هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ قاصد کي حضرت سعيد بن مُسيّب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ موڪليو ته انهن کان هڪ مسئلو پڇي اچي. قاصد غلطي مان کين چيو ته اوهان کي امير سڏي رهيا آهن، حضرت سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن حاڪم يا خليفي وٽ وڃڻ جا عادي نه هئا پر سڏُ حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جهڙي علمي شخصيت جي طرفان هو، ان ڪري کين انهن جي گهرائڻ تي ناراض نه ٿيا، جلدي مان جوتا پاتائون ۽ قاصد سان گڏ هلي پيا، جڏهن حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏٺو ته حضرت سعيد


 

 



[1] شُعَبُ الْاِیمان،جلد:3،صفحہ:144، حدیث:3140۔

[2] وسائلِ فردَوس، صفحہ:22۔