Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان! حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيتري قدر خوفِ خُدا رکڻ وارا هئا. افسوس! هڪ اسان آهيون، نيڪيون نالي ماتر به ناهن ۽ حالت هي آهي جو جهنّم کان ٿورو به ڊپ نٿو لڳي، زندگي عيش ۽ آرام ۾ گذرندي پئي وڃي، غفلت طاري آهي، راند روند، فضوليات ۾ مصروف آهيون، نه قبر جو فڪر، نه حشر جو فڪر، نه قيامت جي حساب جو کُٽڪو، نه پلصراط جو خيال...!! بَس غفلت ۾ ئي صبح ٿيندو آهي، غفلت ۾ ئي شام ٿي ويندي آهي. ڪاش! حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صدقي اسان کي به خوفِ خُدا نصيب ٿي وڃي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

گناہوں سے مجھ کو بچا یا الٰہی!            بُری عادتیں بھی چُھڑا  یا الٰہی!

تِرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                          میں تھر تھر رہوں کانپتا یا الٰہی!

خوفِ خُدا جي فضائل تي 3 حديثون

 (1): حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما روايت ڪن ٿا ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: 2 نهايت اهم شين کي نه ويسارجو، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پڇيو: 2 شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون: جنّت ۽ دوزخ. ايترو فرمائي پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ روئڻ لڳا ايستائين جو لڙڪن سان سندن ڏاڙهي مبارڪ آلي ٿي وئي. پوءِ فرمايائون: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي! جيڪڏهن توهان اهو ڄاڻي وٺو جيڪو مان ڄاڻان ٿو ته رڻپٽ ۾ نڪري وڃو ۽ پنهنجي مٿن تي خاڪ وجهڻ لڳو.[1] (2): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن مومن ٻانهي جي اکين مان الله پاڪ جي


 

 



[1] موسوعۃ ابن ابی الدنیا، کتاب الرقۃ والبکاء ،جلد:3 ،صفحہ:190، حدیث:102۔