Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

جڏهن سلام ڪرڻ وسري ويا

هڪ ڀيري ڪجھ ماڻهو ويٺا هئا، حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف وٺي آيا ۽ بنا سلام ڪرڻ جي ئي انهن وٽ ويهي رهيا، جڏهن کين ياد آيو ته پنهنجي جاءِ تان اٿيا، سڀني کي سلام ڪيائون، پوءِ تشريف فرما ٿيا.[1]

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! سنّت تي عمل ڪرڻ جو ڇا ته حسين جذبو آهي..... پر افسوس! اڄڪلھ اسان جي حالت ان جي اُبتڙ آهي، اسان وٽ ماڻهو پاڻ ۾ ملڻ وقت سنّت جي مطابق سلام ڪرڻ جي بدران * آداب حضور * ڇا حال آهي؟ * مزاج شريف * صبح بخير * شام بخير وغيره عجيب ۽ غريب ڪلمن سان ابتدا ڪندا آهن، هي سنّت جي خلاف آهي. وڃڻ وقت به * خدا حافظ گڊ بائي * ٽاٽا وغيره چوڻ جي بدران سلام ڪرڻ گهرجي. ها وڃڻ وقت اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ کان بعد جيڪڏهن خُدا حافظ چئي ڇڏيو ته حرج نه آهي.

هي اسلامي سلام نه آهي

   صحابيءِ رسول حضرت ابوراشد عبدُ الرحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان ننڍو هيس، هڪ ڀيري پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته مون چيو: اَنْعِمْ صَبَاحاً (هي عربي آهي، ان جو انگلش ترجمو ٿيندو: Good Morning)) يعني صبح بخير. رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي ته مسلمانن جو سلام نه آهي، جڏهن تون ڪنهن وٽ وڃين ته چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہ. [2]

سلام ڪرڻ جي عادت بڻائي وٺو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! سلام ڪرڻ اسان جي پياري آقا، تاجدارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نهايت ئي پياري سنّت آهي.[3] اسان کي به عادت بڻائڻ گهرجي، پهريان سلام


 

 



[1] سیرۃ عمر بن عبد العزیزلابن عبدالحکم،صفحہ:51۔

[2] الکنیٰ و الاسما ء،جلد:1 ،صفحہ:56،حدیث:217 ملتقطًا۔

[3] بہارِ شریعت ،جلد:3،صفحہ: 459،حصہ:16۔