Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

سنّت تي عمل جو جذبو

   حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سنّتِ خيرُ الانام ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) تي عمل جي ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا. جڏهن پاڻ مديني جا گورنر بڻيا ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خادِمِ خاص ۽ عظيم صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه عِراق کان مديني پاڪ آيا ته حضرت عُمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پٺيان نماز پڙهيائون. کين حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نماز ڏاڍي پسند آئي، پاڻ نماز کان بعد فرمايائون: مَا رَاَ یْتُ اَحَدًا اَشْبَہَ بِصَلَاۃِ النَّبِیِّ مِنْ ہَذَا الْغُلَامِ  يعني مون هن نوجوان کان وڌيڪ رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهڙي نماز پڙهڻ وارو ڪو ناهي ڏٺو.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به نماز اطمينان ۽ سڪون سان پڙهڻ گهرجي ته جيئن نماز قبوليت جي معراج تائين پهچي سگهي، حضرت عُباده بن صامت رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته نبيءِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو شخص چڱي طرح وضو ڪري، پوءِ نماز جي لاءِ بيهي، ان جي رڪوع، سجود ۽ قرائت کي مڪمل ڪري ته نماز چوندي آهي: الله پاڪ تنهنجي حفاظت ڪري جيئن تو منهنجي حفاظت ڪئي. پوءِ نماز کي هن طرح آسمان جي طرف کنيو ويندو آهي جو ان جي لاءِ چمڪ ۽ نور هوندو آهي. بَس ان جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن ايستائين جو ان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اها نماز ان نمازيءَ جي شفاعت ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو نماز جا رڪوع، سجود ۽ قرائت مڪمل نه ڪري ته نماز چوندي آهي: الله پاڪ توکي ضايع ڪري جهڙيءَ طرح تو مون کي ضايع ڪيو. پوءِ ان نماز کي هن طرح آسمان جي طرف کنيو ويندو آهي جو ان تي اونداهي


 

 



[1] سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لابنِ جوزی،صفحہ:34۔