Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

الله ۽ رسول مُعاويه سان محبت ڪن ٿا

   ابنِ عساڪِر ۾ آهي، هڪ ڏينهن پيارا آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ام المؤمنين حضرت امِّ حبيبه رَضِىَ اللهُ عَنْها وٽ تشريف وٺي آيا، ان وقت حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به اُتي موجود هئا ۽ سندن پياري ڀيڻ يعني امّ المؤمنين حضرت امِّ حبيبه رَضِىَ اللهُ عَنْها سندن مٿي ۾ ڦڻي ڏئي رهيون هيون، ڀيڻ ڀاءُ جو هي پيار ڀريو انداز ڏسي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي اُمِّ حبيبه! ڇا تون معاويه سان محبت ڪري ٿي؟ عرض ڪيائين: هي منهنجو ڀاءُ آهي، ڀلا هنن سان محبت ڇونه هوندي؟ مالِڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله ۽ ان جو رسول به معاويه سان محبت ڪن ٿا.[1]

معاویہ کے پیار سے ہمارا بیڑا پار ہے                 گناہ بخشوائے گی شفاعتِ معاویہ

جو عاشقِ رسول ہیں وہ ان سے پیار کرتے ہیں       فقط منافقوں کو ہے عداوتِ معاویہ

حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي امامِ حَسَن رَضِىَ اللهُ عَنْه  سان محبت

    حضرت اِبنِ بُرَيده رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري امام حسن مجتبٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه  حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ تشريف وٺي آيا، حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه امام حسن مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي چيو: اڄ مان اوهان کي اهو نذرانو پيش ڪندُس جيڪو ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي نه ڏنو هوندو، پوءِ حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه 4 لکَ دِرهم پيش فرمايا.[2]

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نقل فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه امام حسن مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ 40 ڪروڙ رقم نذراني طور پيش ڪئي. جڏهن امام حَسن رَضِىَ اللهُ عَنْه 


 

 



[1] تاریخِ مدینہ دمشق، جلد:59، صفحہ:89۔

[2] سِیَر اعلام النبلاء، معاویہ بن ابی سفیان، جلد:4، صفحہ:309۔