Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

ڪيون، پوءِ ڪلام ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو، پاڻ ۾ اتفاق ۽ ٻڌي ۽ ڀائيچارو ۽ محبت ۾ به اضافو ٿيندو. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَاتَدْخُلُوا الجَنَّۃَ حَتّٰی تُؤْمِنُوْا  توهان ان وقت تائين جنّت ۾ داخل نه ٿا ٿي سگهو، جيستائين ايمان نه آڻيو! وَلَاتُؤْمِنُوْا حَتّٰی تَحَابُّوْا ۽ توهان ان وقت تائين (ڪامل) مومن نه ٿا ٿي سگهو جيستائين پاڻ ۾ محبت نه ڪيو! پوءِ فرمايو: ڇا توهان کي اها ڳالھ نه ٻڌايان، جنهن تي عمل ڪري توهان جي پاڻ ۾ محبت وڌي وڃي؟  اَفْشُوا السَّلَامَ بَیْنَکُمْ   پاڻ ۾ سلام کي عام ڪيو.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پنج وقت نماز جو اهتمام

   پيارا اسلامي ڀائرو! اميرُ المؤمنين حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هڪ مبارڪ عادت هيءَ به هئي ته پاڻ خلافت جي ڏينهن رات جي مصروفيتن جي باوجود پنج وقت نماز نهايت پابندي سان باجماعت ادا فرمائيندا هئا. اذان جو آواز صاف ٻڌڻ جي لاءِ گهر ۾ اولھ جي طرف هڪ ننڍڙي دَري ٺهرائي ڇڏي هئي، جيڪڏهن مؤذِن کان اَذان ڏيڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي ته ماڻهو موڪلي چورائيندا هئا ته اَذان جو وقت ٿي ويو آهي.[2] جڏهن مؤذِن اذان ڏيندو هو ته ڪوشش ڪندا هئا ته اذان جي آواز سان گڏ ئي مسجد ۾ داخل ٿي وڃن.[3]

بھائیو!گر خُدا کی رِضا چاہئے                                         آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

جو مسلمان پانچوں نمازیں پڑھیں                                لے چلے گی انہیں سُوئے جَنَّت نماز[4]


 

 



[1] ابوداؤد، کتابُ الادب، باب اِفْشَاءُ السلام، صفحہ:809، حدیث:5193۔

[2] سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لابنِ جوزی،صفحہ:211۔

[3] الطبقات الکبریٰ لابن سعد،جلد:5 ،صفحہ:278۔

[4] وسائل فِردَوس، صفحہ:22۔