Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

جو قد مبارڪ ڊگهو هو * رنگ اڇو ۽ خوبصورت * شخصيت دٻدٻي واري هئي * مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ مينڌي لڳائيندا هئا * نهايت حلم وارا، بُردبار، باوقار، مالدار، ماڻهن ۾ سردار، ڪرم فرمائڻ وارا ۽ انصاف قائم ڪرڻ وارا * حضرت حُسين بن محمد دِيار بَڪري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت اميرِ معاويه
رَضِىَ اللهُ عَنْه رعب ۽ دٻدٻي وارا، گهري سوچ وارا، بهادر، سخي ۽ بُردبار بادشاھ هئا * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جن صُلحِ حُديبيه جي ڏينهن يعني 6 هجري ۾ اسلام قبول ڪيو.[1]

جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام سلام ڪيو

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نهايت بااعتماد صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جن کي حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ ڪريم جي ڪتابت (يعني لکڻ) جي ذميداري سُپرد ڪئي هئي، انهن مان هڪ حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به آهن. حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: هڪ ڏينهن حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام بارگاھِ رسالَت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مُعاويه کي سلام ڏجو ۽ ڀلائي جي مُتعلق وصيت قبول ڪيوس ڇوته هُو ڪتابُ الله (قرآنِ ڪريم) جو اَمين آهي ۽ ڇا ته سُٺو اَمين آهي.[2]

کاتِب ہے جو کلامِ خُدا و رسول کا، پکّا اُصُول کا

ہر زاویہ ہے جس کا ذہانت کا زاویہ،وہ ہے مُعاویہ

راوی ہے جو حدیثِ رسالت مآب کا،کاتِب کتاب کا

نوکِ زباں ہیں جس کے فیوضِ سَمَاوِیہ، وہ ہے مُعاویہ


 

 



[1] فیضانِ امیرِ مُعَاوِیَہ، صفحہ:15-16-17-25ملتقطاً۔

[2] البدایہ والنھایہ،جز:8،جلد:4،صفحہ:514۔