Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايائون

   اميرُالمؤمنين حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان پهريان سليمان بن عبدُ الملڪ خليفو هو، هڪ ڀيري  خليفي سليمان ۽ حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وچ ۾ ڪنهن موضوع تي گفتگو ٿي رهي هئي، ان دوران خليفي سليمان ڪاوڙ ۾ اچي چيو: اوهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو. ان تي حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي ۽ مون کي خبر پئي آهي ته ڪوڙ انسان کي نقصان ڏيندو آهي، اڄ تائين ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو.[1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان! حضرت عُمر بن عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڪوڙ کان ڪيتري قدر نفرت هئي! ۽ ڪوڙ کان نفرت هجڻ به گهرجي پر صد افسوس! اڄڪلھ ڪثرت سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڪمال ۽ ترقي جي علامت جڏهن ته سچ کي بيوقوفي ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ تصور ڪيو ويندو آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو پنهنجي مقصدن جي لاءِ ڪوڙا قَسم به کڻي وٺندا آهن (اَسْتَغْفِرُ اللہ!).

   ياد رهي! ڪوڙ ڳالهائڻ وارو دنيا ۾ جيتوڻيڪ ڪيتريون به ڪاميابيون حاصل ڪري، آخرت ۾ ناڪاميون ۽ رسوايون سندس استقبال ڪنديون، اسان کي گهرجي ته پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ کان محفوظ رکون. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:

(1): اَلَا اِنَّ الْکِذْبَ یُسَوِّدُ الْوَجْہَ وَالنَّمِیْمَۃَ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ

يعني ڪوڙ، انسان کي رُسوا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ چغلي عذابِ قبر جو سبب


 

 



[1] سیرۃ عمر بن عبد العزیزلابن عبدالحکم،صفحہ:28۔