Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

بڻجندي آهي.[1] (2): هڪ روايت ۾ آهي:

اِذَا کَذَبَ الْعَبْدُ تَبَاعَدَ عَنْہُ الْمَلَکُ مِیلًا مِنْ نَتْنِ مَا جَاء َ بِہِ

يعني جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ان مان نڪرڻ واري ڌَپَ جي سبب ملائڪ هڪ مِيل پَري ٿي ويندو آهي.[2]

(3): مُسلم شريف جي روايت ۾ آهي: سچ ڳالهائڻ نيڪي جي طرف ۽ نيڪي جنّت ۾ وٺي ويندي آهي ۽ بيشڪ ٻانهو سچ ڳالهائيندو رهندو آهي ايستائين جو ان کي صِدِّيق لکيو ويندو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ گناھ جي طرف ۽ گناھ دوزخ ۾ وٺي ويندو آهي، بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي ايستائين جو ان کي ڪَذَّاب (يعني نهايت ئي ڪوڙو) لکيو ويندو آهي.[3]

میں جھوٹ نہ بُولوں، کبھی گالی نہ نِکالوں                       اللہ!مَرَض سے تُو گناہوں کے شِفا دے

میں   فالتو باتوں   سے رہوں   دُور ہمیشہ                      چُپ رہنے کا اللہ ! سلیقہ تُو سِکھا دے

اَخلاق ہوں   اچّھے مِرا کردار ہو سُتھرا                        محبوب کا صَدقہ تُو مجھے نیک بنا دے[4]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

روزانو جو جدول

   حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زوجهءِ محترمه حضرت فاطمه بنت عبدُالملڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها فرمائن ٿيون: * حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ذات کي مسلمانن جي لاءِ ۽ پنهنجي ذهن کي ڪمن جي لاءِ فارغ ڪري ڇڏيو هو


 

 



[1] الترغیب و الترہیب،کتاب الادب وغیرہ، الترہیب من النمیمۃ، صفحہ:895 ،حدیث:6 ۔

[2] ترمذی،کتاب البر و الصلۃ،باب ما جاء فی الصدق و الکذب،صفحہ:481 ،حدیث:1972

[3] مسلم، کتاب البر والصلۃ  و الآداب، باب قبح الکذب…الخ،صفحہ:1007،حدیث:2607 ۔

[4] وسائلِ بخشش، صفحہ:115 .