Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ايندا هئا ته حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه انهن کي پنهنجي جڳھ تي ويهاريندا هئا، پاڻ سامهون هٿَ ٻڌي بيهي رهندا هئا، ڪنهن پڇيو: اوهان ائين ڇو ڪندا آهيو؟ فرمايائون: امامِ حسن مُجتبٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه مصطفٰي جان رحمت ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جا هم شڪل آهن، مان ان مُشابَهت جو احترام ڪندو آهيان.[1]

حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جا 2 اعلٰي وصف

   هڪ ڊگهي حديثِ پاڪ آهي، جنهن ۾ پياري نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا خصوصي وصف بيان فرمايا آهن، ان حديثِ پاڪ ۾ حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جا 3 خصوصي وصف بيان ڪندي رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: وَ مُعَاوِیَۃُ بْنُ اَبِی سُفْیَان اَحْلَمُ اُمَّتِی وَ اَجَوَدُهَا ۽ معاويه بن ابو سُفيان منهنجي امّت ۾ سڀني کان وڌيڪ حِلم وارا ۽ نهايت سخي آهن. [2]

   پيارا اسلامي ڀائرو! حِلم حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو خصوصي وصف آهي، يومِ اميرِ معاويه اچڻ وارو آهي، يومِ اميرِ معاويه جي نسبت سان اسان کي به گهرجي ته اسان حِلۡم اپنايون.

حِلم جون فضيلتون

   حِلم جي معنٰي آهي: بُردباري، صبر، نرم دلي، ڪاوڙ پي وڃڻ، برداشت ڪرڻ کي حِلم چوندا آهن. مبارڪ حديثن ۾ حِلم جون کوڙَ فضيلتون بيان ٿيون آهن. (1): ٻنهي جهانَن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ انسان حِلم جي ڪري عبادت گذار ۽ روزيدار جو درجو ماڻي وٺندو آهي.[3] (2) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حِلم وارو انسان دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:461۔

[2] بغیۃ الباحث، کتاب : المناقب، باب:فیما اشترک فیہ ، جلد:1، صفحہ:893، حدیث:965.

[3] معجمِ اوسط،جلد:4 ،صفحہ:369،حدیث:6273۔