Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ   جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

    عيادت ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

   2 فرامينِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): جيڪو بيمار جي عيادت ڪندو آهي اهو جنّت جي باغن ۾ ويهندو آهي، جڏهن اهو اٿندو آهي ته 70 هزار ملائڪَ رات تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن.[2] (2): جيڪو ثواب جي اميد تي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪري ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو.[3]

اي عاشقانِ رسول!بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّتِ مطصفٰي آهي بلڪه سنّتِ انبياء آهي * نبين جي نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هئي ته ڪنهن به صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي بيمار ٿيڻ جو اطلاع ملندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا * جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ان جي مُتعلق ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار هوندو هو ته ان کان پڇڻ ويندا هئا [4] * ۽ عيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني پاڪ جي آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا هئا ۽


 

 



[1] تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] شعب الايمان، مریض کی عیادت کا باب،جلد:6، صفحہ:531،حديث:9171۔

[3] ابو داؤد ،کتاب:جنائز ، باب :وضو میں عیادت کی فضیلت، صفحہ: 500، حدیث:3097۔   

[4] مسند ابی یعلی،  جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔