Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

مصطفٰي قبر ۾ رکڻ جي وصيت فرمائي، اهڙيءَ طرح حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به پنهنجي قبر ۾ تَبرڪاتِ مصطفٰي رکڻ جي وصيت فرمائي.

   مطلب ته: انهن ٻنهي وڏي مرتبي واري شخصيتن جي پاڪيزه سيرت جا ڪيئي پهلو آهن جيڪي پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. هڪ پهلو هي به آهي ته انهن ٻنهي شخصيتن جو عرس مبارڪ رَجبُ المُرجب ۾ ٿيندو آهي، حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو وصال مبارڪ 22 رجبُ المُرجب تي ٿيو، تنهنڪري 22 رجب جو يومِ حضرت اميرِ معاويه ملهايو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وصال مبارڪ 25 رجبُ المُرجب تي ٿيو، تنهنڪري 25 رجبُ المُرجب تي يومِ حضرت عمر بن عبدُ العزيز ملهايو ويندو آهي.

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي شعبي اسلامڪ ريسرچ سينٽر (اَلمدينةُ العلمِيه) کي انهن ٻنهي عظيم شخصيتن جي سيرت تي ڪتابَ لکڻ جي سعادت ٿي آهي: (1): فيضانِ اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه (2): حضرت سيّدنا عُمر بن عبدُ العزيز جون 425 حڪايتون، هي ٻئي ڪتابَ مڪتبةُ المدينه تان طلب ڪيو! پاڻ به پڙهو! گهر وارن کي به پڙهايو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

   اچو! يومِ اميرِ معاويه ۽ يومِ عمر بن عبدُ العزيز جي مناسبت سان انهن ٻنهي عظيم شخصيتن جو ذِڪرِ خير ڪيون ٿا:

حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو  ذِڪرِ خير

 * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه اَوَّل مُلوڪِ اسلام (يعني اسلامي تاريخ جا پهريان بادشاھ) آهن * مڪي شريف جي مشهور سردار حضرت ابو سفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه جا پٽَ آهن * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو نالو مبارڪ: مُعاويه * ڪنيت: ابوعبدُ الرحمٰن ۽ * ناصِرُ الدِّين(يعني دين جو مددگار)، ناصِرُ الحق (يعني حق جو مددگار) سندن لقبَ آهن * حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت فرمائڻ کان 5 سال پهريان مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه