Book Name:2 Buland Rutba Shakhsiyat

خوف جي سبب لڙڪ وهيا جيتوڻيڪ مک جي پَر برابر هجن، پوءِ اهي لڙڪ وهي ڪري سندس چهري تي اچي وڃن ته الله پاڪ ان کي جهنّم تي حرام ڪري ڇڏيندو آهي.[1] (3): فرمانِ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جڏهن الله پاڪ جي خوف کان ٻانهي جو جسم ڏڪڻ لڳي ته ان جا گناھ ائين ڇڻندا آهن جيئن سُڪل وڻ مان پنَ ڇڻندا آهن.[2]

مِرے اَشک بہتے رہیں   کاش ہر دم         ترے خوف سے یاخدا یاالٰہی!

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                         میں   تھرتھر رہوں   کانپتا  یاالٰہی![3]

اَميرُ المؤمنين جي تبرڪات سان محبت

   پيارا اسلامي ڀائرو! اميرُ المؤمنين حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل ۾ جيئن خوفِ خُدا تمام گهڻو ڀريل هو، ائين ئي عشقِ رسول جي به زندھ تصوير هئا، سندن هڪ نهايت پيارو ۽ عشق ڀريو وصف هي به آهي ته پاڻ حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تبرڪات جو تمام گهڻو ادب ڪندا هئا، حضرت عُمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ کوڙَ تبرڪات هئا، جيئن پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بِستر مبارڪ، پيالو، چادر ۽ عصا شريف وغيره، حضرت عُمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهن تبرڪات شريف جي لاءِ هڪ ڪمرو خاص ڪري رکيو هو ۽ روزانو انهن جي زيارت ڪندا هئا.[4]

 وصال جي وقت پاڻ وصيت ڪيائون ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪجھ وارَ مبارڪ ۽ پاڪ ننهن ڪفن ۾ رکيا وڃن، جيئن ته سندن وصيت


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الحزن والبکاء ،صفحہ:681، حدیث:4197۔

[2] شُعَبُ الایمان،جلد:1 ،صفحہ:491 ،حدیث:803۔

[3] وسائلِ بخشش،صفحہ:105۔

[4] سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لابن جوزی،صفحہ:253۔